اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي

اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي

اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي

الإسلام دين السلام باللغة السندية

 

 

 

 

د/ عبد الرحمن بن عبد الكريم الشيحة

 

 

 

 

ترجمو:

المركز الأوروبي للدرسات الإسلامية

و محمد ايوب

 

 

WWW.ISLAMLAND.COM

 

 

 

 

 

 

                

 

 

 

 

 

مقدمو؛

الحمدلله ربّ العالمين والصلاة والسلام على نبينا محمد و على آله وصحبه وسلم

اسلام جي سج طلوع (اڀرڻ) کان پهرين هي زمين اها ڌرتي هئي جتي خونريزي ۽ جنگين جي باهه جا شعله اڀرندا رهندا هئا. جنهن لکين ماڻهن کي هن ڌرتي تان مٽائي ڇڏيو هو ۽ اطمينان ۽ سڪون انساني ڪري ڇڏيو هو.

جڏهن اسان صرف هڪ براعظم يورپ کي ڏسون ٿا ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ان جي ملڪن جون سرحدون هڪ ڏينهن به پنهنجي جڳه نه بيٺيون هرملڪ بئي ملڪ تي زيادتي ڪندو ۽ ان تي ٽيڪس لڳائيندو هو جيڪا جيڪا جنگ جي صلح ۽ ولايت جي علامت هوندي هئي.

انسانن ۾ رنگ، نسل، دين، گروپن جي شڪل ۾ دنياوي مفادن جي خاطر پاڻ ۾ نفرت فيلجي وئي هئي.انساني زندگي جي حرمت جو ڪو به احترام نه هو چاهي اهي جنگ ڪرڻ وارا هجن يا صلح ڪرڻ وارا خانداني حقن جو ڪو به احترام ڪو نه هوندو هو پاڻي وانگر انهن جو رت وهايو ويندو هو ماڻهن جي مالن ۽ ان جي عزتن جو ڪو به احترام نه هوندو هو ان جي مال ۽ عورتن کي انهن کان زبردستي کسيو ويندو هو ۽ انهن جي اولادن کي قيدي بنائي ڪري غلامن جي بازارن ۾ کپايو ويندو هو انسانيت عالمي امن و استقرار کان نا واقف هئي انهن کي صرف جنگ، خوف و هراس، دهشد گردي، استعمار، ظلم ۽ سرڪشي ۽ ماڻهن کي غلام بنائن جو علم هو. 

اسلام کان پهرين قومن کي اها ڄاڻ ڪا نه هئي ته عقائد ۾ آزادي ڇا هوندي آهي ۽ هر ماڻهو پنهنجو دين اختيار رکڻ ۾ آزاد هوندو بلڪه ماڻهن وٽ هي قاعدو عام هو نه هو پنهنجن بادشاهن جي دين تي هوندا آهن 

ان لاءِ بيزنطيني شهنشاهت جي ڪنهن ماڻهون کي اجازت نه هئي جو فارسي سرڪش شهنشاهه جو دين قبول ڪري اگر هن ائين ڪيو ته هن کي خيانت وارو سمجهو ويندو 

اهڙي طرح فارسي شهنشاهيت جي ڪنهن ماڻهو کي اها اجازت ڪا نه هوندي هئي جو هو دينڪو شهنشاهي ڇڏي ڪري ڪو ٻيو دين اختيار ڪري ائين ڪرن واري کي خيانتدار سمجهي ڪري قتل ڪيو ويندو.

نفرت ايسيتائين ڦيلجي وئي هئي جو هڪ ئي دين کي مڃڻ وارا هڪٻئي سان نفرت ڪرڻ لڳا جنهن ڪري آرتهوڊلس ۽ ڪيتهو لک ۽ نصرانين جي بين فرقن ۾ ديني جنگيون لڳڻ شروع ٿي ويون 

ايسيتائين جو قاعدو عام ٿي ويو ته جيڪو ماڻهن توهان اختلاف رکي ٿو ان کي دهشت گردي بي ديني ۽ خائن جو لقب ڏنو ويندو ۽ ان لي قتل ڪرڻ ۽ قيدي بنائڻ واجب آهي.

محمد رسول اللهﷺ زمين تي ظلم سرڪشي ۽ الله سان گڏ شريڪ ڪرڻ جي ڪيفيت بيان ڪندي فرمائين ٿا ته منهنجي بعثت کان پهرين الله زمين وارن ڏانهن ته اهل زمين جي عرب ۽ عجم وارن تي ناراض ٿيو سواءِ اهل ڪتاب جي ڪجهه ماڻهن جي جيڪي باقي رهجي ويا هئا.(صحيح ابن حبان)

ان لاءِ اسلام پوري ڪائنات جي لاءِ سلامتي جو پيغام کڻي آيو ۽ عام شهرين تي ظلم ۽ زيادتي کي حرام قرار ڏنو. ايسيتائين جو قيدين جا حق به واضح ڪري ڇڏيائين اهو سب جينوا معاهدي جيڪو سن 1400هه ۾ ٿيو ان کان پهرين ٿيو 

اسلام عدل ۽ برابري جو حڪم ڏنو ۽ قابل نفرت تعصب جيڪو رنگ، نسل، جنس ۽ قوميت تي قائم هو ان کي ختم ڪيو حڪمرانن جي جبر ۽ تشدد تي تنقيد ڪئي جيڪي پنهنجي عوام تي جبر زبردستي سان پنهنجو دين مسلط ڪندا ۽ قوم تائين توحيد ۽ اسلام جو پيغام پهچائڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندا هئا اهڙي طرح اسلام ماڻهن جي زندگي انهن جا مال انهن جي عزتن تي زيادتي کي حرام ڪري هرهڪ جا پنهنجا حق مقرر ڪيا

اهڙي طرح اهي غير مسلم جيڪي اسلامي مملڪت ۾ رهن ٿا انهن تي به ڪجه واجبات رکيا انهن واجباتن جو احترام لازمي قرار ڏئي ڪري دوکو ۽ عهد شڪني ۽ خيانت کي حرام قرار ڏنو آئينده فصلن ۾ اسان انهن سڀني شين کي الله تعالي جي حڪم سان تفصيل سان بيان ڪنداسين 

الله تعالى کان دعا آهي هن ننڍي ڪتاب کي هر ان ماڻهو لاءِ فائده مند بنائي جيڪو الله تعالى جي دين دينِ اسلام جي معرف حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ان جي سيني کي اسلام جي لاءِ کو لي ڇڏي...

 

 

 

اسلام جي معنى

اسان معزز قاري جي لاءِ اسلام ۾ سلامتي جي معنى واضح ڪرڻ کان پهرين ضروري آهي ته ان کي اسلام جي عام معنى مفهوم معلومات هجي ان لاءِ جو اسلام هڪ اهڙو لفظ آهي.جيڪو پنهنجي اندر گهڻين معانن ۾ سجايل آهي انسان کي اطمينان سڪون ۽ انساني غلامي کان آزادي جو احساس ڏياري ٿو.

اسلام جي معنى هي آهي ته اسلام روحاني ۽ جسماني طور تي الله ربّ العالمين جي سامهون جهڪڻ ۽ عاجزي اختيار ڪرڻ جو نالو آهي

اهو ائين ته اله جي احڪامن کي تسليم ۽ منهيات کان رڪجي وڃي ۽ تقدير جي فيصلن کي قبول ڪري الله تعالى ابراهيمuجو قول نقل ڪندي فرمايو.

 إِذْ قَالَ لَهُ رَبُّهُ أَسْلِمْ قَالَ أَسْلَمْتُ لِرَبِّ الْعَالَمِين[1]

‏‏‏‏‏ترجمو: ۽ جڏهن ان جي هن کي چيو منهنجي جهڪي وڃ ته چيائن آئون سڀني جهانن جي رب  جي سانهون جهڪي ويس.

اهو ئي حقيقي اسلام آهي جيڪو هر مسلمان کي اختيار ڪرن گهرجي جيئن الله تعالى جو فرمان آهي 

قُلْ إِنَّ صَلَاتِي وَنُسُكِي وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِي لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ[2]

ترجمو: (اي محمدﷺ) چئي ڇڏ بيشڪ منهنجي نماز ۽ مهنجي قرباني ۽ مهنجو جيئڻ ۽ منهنجو مرڻ الله وحدو جي لاءِ آهي. جيڪو تمام جهانن جو پالڻهار آهي.

۽ السلام الله عزوجل جي نالن مان هڪ نالو به آهي الله جو فرمان آهي.

هُوَ اللَّهُ الَّذِي لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ الْمَلِكُ الْقُدُّوسُ السَّلَامُ الْمُؤْمِنُ الْمُهَيْمِنُ الْعَزِيزُ الْجَبَّارُ الْمُتَكَبِّرُ سُبْحَانَ اللَّهِ عَمَّا يُشْرِكُونَ[3]

ترجمو: اهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪو به معبود ناهي (ُحقيقي) بادشاه آهي هر عيب کان پاڪ آهي هر نقص کان سالم (سلامتي ڏيڻ وارو) آهي (امن امان ڏيڻ وارو) المهيمن (نگهباني ڪرڻ وارو) العزيز (زبردست ۽ غالب) الجبار (زبردست طاقتور ۽ حڪم صادر ڪندڙ) المتڪبر (جنهن کي ڪبريائي تڪبر ۽ وڏائي شايان شان آهي) پاڪ آهي الله تعالى انهي شرڪ کان جيڪي هو شرڪ ڪن ٿا.

اهڙي طري جنت جي نالن مان هڪ نالو به آهي. 

لَهُمْ دَارُ السَّلَامِ عِنْدَ رَبِّهِمْ وَهُوَ وَلِيُّهُمْ بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ[4]

ترجمو: انهن لاءِ انهن جي رب وٽ سلامتي جو گهر آهي ۽ اهو ئي سندن مددگار آهي انهي عملن جي ڪري جيڪي هو ڪندا آهن.

اهڙي طرح السلام اهل جنت جو پاڻ ۾ تحفو به هوندو الله تعالى مونکي ۽ توهان کي انهن مان بنائي.آمين

الله تعالا جو فرمان آهي.

تَحِيَّتُهُمْ يَوْمَ يَلْقَوْنَهُ سَلَامٌ وَأَعَدَّ لَهُمْ أَجْرًا كَرِيمًا[5]

ترجمو: جنهن ڏينهن ان سان ملاقات ڪندا ته (انهن جي ملاقات) جو تحفو سلام هوندو ۽ الله انهن لاءِ عزت وارو اجر تيار ڪري رکيو آهي.

اهڙي طرح السلام مسلمانن جو پاڻ ۾ سلام به آهي (السلام عليڪم و رحمة الله وبرڪاته) توتي الله جي سلامتي ۽ رحمت ۽ برڪتون هجن. اهڙي طرح سلام سٺو ۽ شيرين لفظ آهي هي هڪ اهڙو تحفو آهي جڏهن هن کي پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻڌو وڃي ٿو ته دلين ۾ قربت ۽ سڪون پيدا ڪري ٿو بغض ۽ نفرت کي ختم ڪري نفس کي اطمينان سڪون ۽ راحت پيدا ڪري ٿو ان لا جو هي سلام درحقيقت امن و امان ۽ سلامتي جو اشارو آهي.

۽ رسول اللهﷺ هن کي ايمان جي مڪمل ڪرڻ وارن اصولن مان ٻڌايو آهي نبيuجي فرمان آهي

لَا تَدْخُلُونَ الْجَنَّةَ حَتَّى تُؤْمِنُوا، وَلَا تُؤْمِنُوا حَتَّى تَحَابُّوا، أَوَلَا أَدُلُّكُمْ عَلَى شَيْءٍ إِذَا فَعَلْتُمُوهُ تَحَابَبْتُمْ؟ أَفْشُوا السَّلَامَ بَيْنَكُمْ[6]

ترجمو:توهان جنت ۾ داخل ڪو نه ٿيندؤ جيسين تائين توهان (الله تي) ايمان نه آڻيو ۽ ايماندار ايسيتائين ڪو نه ٿيندؤ  جيسيتائين پاڻ ۾ محبت نه پيدا ڪريو ڇا آئون توهان کي اهڙي شيءِ به ٻڌايان جڏهن ٿوهان پاڻ ۾ عام ڪريو ته توهان ۾ محبت پيدا ٿي ويندي (اها شيءِٰ آهي ته) پاڻ ۾ سلام رائج ڪريو.

۽ اهڙي طرح رسول اللهﷺ هن کي بهترين عمل قرار ڏنو آهي جڏهن پاڻ سڳورن کان پڇيو ويو ته اسلام ۾ (بهترين9 سٺو عمل ڪهڙو آهي فرمايائون؛

تُطْعِمُ الطَّعَامَ، وَتَقْرَأُ السَّلاَمَ عَلَى مَنْ عَرَفْتَ وَمَنْ لَمْ تَعْرِفْ[7]

ترجمو: توهان ماڻهن کي کاڌو کارايو ۽ سڃاڻن ۽ بغير سڃاڻن وارن کي سلام ڪريو.

اسلام ان لاءِ آيو آهي ته ماڻهن کي ان جي ڀلائي ڏانهن رهنمائي ڪري ۽ انڌيرن کان ڪڍي روشنين جي طرف ماڻهن کي ماڻهن جي عبادت مان ڪڍي رب جي عبادت ڏانهن وٺي اچي جيڪو به ماڻهو دين اسلام جي پيروي ڪندو خالص نيت سان الله کي راضي ڪرڻ وارا اعمال اختيار ڪندو جلد الله ان جي سلامتي جي رستن ڏانهن رهنمائي ڪندو ۽ پنهنجي مشيئت سان صراط مستيق ڏيکاريندو الله تعالى جو فرمان آهي:

يَا أَهْلَ الْكِتَابِ قَدْ جَاءَكُمْ رَسُولُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ كَثِيرًا مِمَّا كُنْتُمْ تُخْفُونَ مِنَ الْكِتَابِ وَيَعْفُو عَنْ كَثِيرٍ قَدْ جَاءَكُمْ مِنَ اللَّهِ نُورٌ وَكِتَابٌ مُبِينٌ (15) يَهْدِي بِهِ اللَّهُ مَنِ اتَّبَعَ رِضْوَانَهُ سُبُلَ السَّلَامِ وَيُخْرِجُهُمْ مِنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ بِإِذْنِهِ وَيَهْدِيهِمْ إِلَى صِرَاطٍ مُسْتَقِيمٍ (16)[8]

ترجمو: اي اهل ڪتاب اوهان وٽ اسان جو رسول اچي چڪو آهي اهو جيڪو ڪجهه اوهان ڪتاب مان لڪا.ڍئيندا هئا سو توهان لاءِ کولي بيان ڪري ٿو ۽ ڪيترين ئي ڳالهين کي نظرانداز (درگزر) به ڪري ٿو بيشڪ توهان وٽ الله جي طرفان نور ۽ پڌرو ڪتاب (قرآن) اچي چڪو آهي جنهن جي وسيلي الله ۽ سندن رضا تي هلڻ وارن لاءِ سلامتي جا رستا کولي ڇڏي ٿو  ۽ پنهنجي حڪم سان اونداهين مان ڪڍي روشني مان آڻي ٿو ۽ کين سڌي راهه (اسلام) جي طرف هدايت (۽ رهنمائي) ڪري ٿو.

دين اسلام درحقيقت سلامتي وارو دين آهي انهن سڀ معنى مفهومن سان گڏ جيڪي لفظ اسلام ۾ اچن ٿا ان لاءِ رسول اللهﷺ جو فرمان آهي؛

المُسْلِمُ مَنْ سَلِمَ المُسْلِمُونَ مِنْ لِسَانِهِ وَيَدِهِ، وَالمُهَاجِرُ مَنْ هَجَرَ مَا نَهَى اللَّهُ عَنْهُ[9]

ترجمو: مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيو مسلمان محفوظ رهي ۽ مهاجر اهو آهي جيڪو ان شيءِ کي ڇڏي ڏي جنهن کان رسول اللهﷺ منع ڪيو آهي

۽ نبيﷺ جو فرمان آهي؛

المُسْلِمُ مَنْ سَلِمَ المُسْلِمُونَ مِنْ لِسَانِهِ وَيَدِهِ، وَالمُهَاجِرُ مَنْ هَجَرَ مَا نَهَى اللَّهُ عَنْهُ

ترجمو: مومن اهو آهي جنهن ماڻهو پنهنجي رت ۽ مال تي امين مقرر ڪن.(احمد،ترمذي،ابن ماجه،وصححه الباني)

ڇا اسلام زبردستي پکڙيو آهي

اسلام جي بنيادي تعليم اهڙي قسم جي الزامن کي ختم ڪري ٿي جيڪا اسلام سان بغض رکڻ وارن جي زبان تي عام آهن الله تعالى جو فرمان آهي؛

لَا إِكْرَاهَ فِي الدِّينِ قَدْ تَبَيَّنَ الرُّشْدُ مِنَ الْغَيِّ فَمَنْ يَكْفُرْ بِالطَّاغُوتِ وَيُؤْمِنْ بِاللَّهِ فَقَدِ اسْتَمْسَكَ بِالْعُرْوَةِ الْوُثْقَى لَا انْفِصَامَ لَهَا وَاللَّهُ سَمِيعٌ عَلِيمٌ[10]

ترجمو:دين ۾ ڪا به زبردستي ناهي بيشڪ هدايت ۽ گمراهي کان واضع  ٿي چڪي آهي جيڪو معبودان باطله جو انڪار ڪري ۽ الله تي ايمان آڻيندو ته هن هڪ مضبوط ڪڙي کي پڪڙي ڇڏيو جنهن جو ٽٽڻ (نا ممڪن) آهي ۽ الله خوب ٻڌڻ وارو ۽ ڄاڻيندڙ آهي.

۽ الله جو فرمان آهي؛

وَلَوْ شَاءَ رَبُّكَ لَآمَنَ مَنْ فِي الْأَرْضِ كُلُّهُمْ جَمِيعًا أَفَأَنْتَ تُكْرِهُ النَّاسَ حَتَّى يَكُونُوا مُؤْمِنِينَ[11]

ترجمو: اگر توهان جي رب جي چاهت هجي ها ته ضرور سڀ جا سڀ جيڪي زمين تي آباد آهن ايمان آڻن ها (جڏهن ته رب انهن کي زبردستي ايمان آڻڻ تي مجبور ڪو نه ڪيو) ته ڇا توهان ماڻهن کي مجبور ڪندؤ ته هو مومن ٿين.

وَقُلِ الْحَقُّ مِنْ رَبِّكُمْ فَمَنْ شَاءَ فَلْيُؤْمِنْ وَمَنْ شَاءَ فَلْيَكْفُرْ[12]

ترجمو: (اي نبيﷺ) چئي ڇڏ ته حق توهان جي رب جي طرفان (واضح) آهي بس جنهن کي پسند هجي ته ايمان آڻي جيڪو چاهي انڪار ڪري.

الله جو فرمان؛

فَإِنْ تَوَلَّوْا فَإِنَّمَا عَلَيْكَ الْبَلَاغُ الْمُبِينُ[13]

ترجمو: پوءِ (اي بني معظم) جيڪڏهن (اڃا به) اهي منهن موڙين ته توتي صرف (حق جو) صاف صاف پيغام پهچائڻ آهي.

الله تعالى جو فرمان؛

فَذَكِّرْ إِنَّمَا أَنْتَ مُذَكِّرٌ (21) لَسْتَ عَلَيْهِمْ بِمُصَيْطِرٍ (22)[14]

ترجمو: بس تون رڳو نصيحت ڪندو رهه تون صرف نصيحت ڪرڻ وارو آهين تون انهن کي زبردستي مڃائڻ وارو ناهين.

انهي معنى ۾ ٻيون به گهڻيون آيتون آهن اسلام ان لاءِ به زبردستي ڪونه پکڙيو آهي ته اسلام هڪ عقيدو آهي ۽ عقيدي جي لاءِ دل جو اقرار هجڻ لازمي آهي صرف زبان سان الفاظ ادا ڪرڻ ڪافي نه آهن ۽ دل جو اقرار انسان کان مجبوراً (زبردستي) ڪو نه ڪرايو ويندو آهي ان لاءِ جو انسان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زبان سان الفاظ چئي رهيو هوندو آهيجنهن تي دل معتقد ڪو نه هوندو آهي الله تعالى جو فرمان؛

مَنْ كَفَرَ بِاللَّهِ مِنْ بَعْدِ إِيمَانِهِ إِلَّا مَنْ أُكْرِهَ وَقَلْبُهُ مُطْمَئِنٌّ بِالْإِيمَانِ وَلَكِنْ مَنْ شَرَحَ بِالْكُفْرِ صَدْرًا فَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ مِنَ اللَّهِ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ[15]

ترجمو: جيڪو ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪفر ڪري سواءِ ان لان جنهن کي مجبور ڪيو ويو مگر ان جي دل (بدستور) ايمان سن مطمئن هئي پر جنهن رضا (خوشي) سان ڪفر قبول ڪيو تن تي الله جي طرفان (ڏمر) غضب نازل ٿيندو ۽ (آخرت ۾) انهن لاءِ وڏو عذاب آهي.

ڇا اسلام طاقت جي ذريعي پکڙيو آهي؟

هر نظام لاءِ هڪ قوت جو هجڻ لازمي آهي جيڪو ان نظام جي حفاّظت ڪري ۽ ان جي نفاذ تي نظر رکي ۽ جيڪو ان جي تعليمات جي خلاف ورزي ڪري ان کي متنبه ڪرڻ لاءِ ان تي سزا نافذ ڪري ۽ اها ئي قوت هن نظام جي عملي تطبيق ان جي تسلسل جي ضامن هوندي آهي.

عثمان بن عفانtکان روايت آهي فرمائين ٿا بيشڪ الله تعالى حڪمرانن جي ذريعي (ڪجهه ماڻهن جي خلاف مشرع ڪمن کان) روڪيندو آهي جيڪي قرآن جي ذريعي نٿا رڪجن (ان کي رزين روايت ڪيو آهي ۽ ان جي سند منقطع آهي ۽ مشهور اهو آهي ته هي عثمان tجو قول آهي)

حديث جي معنى هي آهي ته ڪجهه ماڻهون ڪنهن جرم جي ارتڪاب کان ان لاءِ پري هوندا آهن جنهن کي علم هوندو آهي ته حڪمران انهن کي دنياوي سزا ڏيندا جڏهن ته اهي ماڻهون قران مجيد جي انهي جرم جي حرام قرار ڏيڻ  ۽ ان تي اخروي سزا جي وعيد کان ڪو نه ٿا ڊڄن ان لاءِ الله تعالى حڪمرانن کي اختيار ڏنو ته اهي جرائم پيشه ماڻهن کي سزا ڏين تان جو اهي انهن کي جرائمن کان روڪجي وڃن هيٺ ڏنل سطرن تي اسان اسلام جي شروعات جي تاريخ جو مختصر تذڪرو ڪيو ٿا.

محمد رسول اللهﷺ مڪي ۾ تيره سال رهيا ۽ ماڻهن کي عمده نصيحت جي ذريعي اسلام جي دعوت ڏيندا رهيا انهي عرصي ۾ پاڻ ۽ سندن پيروڪار تڪذيب ، تنگين ۽ پريشانين کي منهن ڏيندا رهيا جبر تشدد برداشت ڪندا رهيا ايسيتائين جو هنن ايمان آڻڻ وارن کي مختلف عذاب ڏيڻ شروع ڪيا پاڻﷺ انهن وٽان گزرندا هئا ته اهي ماڻهون انهن کي عذاب ڏئي رهيا هوندا هئا ۽ پاڻ صرف انهن لاءِ صبر جي تلقين کان علاوه ڪجهه به ڪو نه ڪري سگهيا .

پاڻ سڳورن جو عمار بن ياسرt۽ ان جي والده سميهrوٽان گذر ٿيو ڪافرن هن کي عذاب پئي ڏنو پاڻ انهن کي چوڻ لڳا آل ياسر صبر ڪريو توهان لاءِ جنت جو واعدو آهي.

معاملو ايسيتائين پهچي ويو جو اهي ماڻهون پاڻﷺ کي قتل ڪرڻ ۽ ان جي دعوت کان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ مشورا ڪرڻ لڳا ۽ پاڻ سڳورا انهن لاءِ اهائي دعا ڪندا رهيا  يا الله منهنجي قوم کي معاف ڪر بيشڪ اهي نٿا ڄاڻن.

۽ ان جو رب ان کي بعض آيات جي ذريعي صبر جي رلقين ڪندو ۽ ان کي تسلي ڏيندو رهيو ته تو کان علاوه ٻيا رسول به گذريا انهن جي به تڪذيب ٿي ۽ انهن کي به تڪليفون ڏنيون ويون ان لاءِ دعوت جو رستو طويل (ڊگهو) ۽ پر مشڪت هوندو آهي ۽ حق ۽ باطل ڀلائي ۽ برائي جي وچ ۾ جنگ ٿيندي آهي الله تعالى جو فرمان آهي؛

فَاصْبِرْ كَمَا صَبَرَ أُولُو الْعَزْمِ مِنَ الرُّسُلِ وَلَا تَسْتَعْجِلْ[16]

ترجمو: (اي حبيب) توهان صبر ڪندا رهو جيئن (ٻيا) عالي همت پيغمبرن صبر ڪيو ۽ تون انهن منڪرن لاءِ (طلب عذاب ۾) جلدي نه ڪر.

پاڻ هر سال مڪي اچڻ وارن قبيلن جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي پيش ڪندا ايسيتائين جو اهل مدينه جي ڪجهه ماڻهن پاڻ سڳورنﷺ تي ايمان آندو ۽ پاڻ سڳورڻﷺ سان بيعت ڪيائون ته توهان ۽ توهان تي ايمان آڻڻ وارا اگر انهن ڏانهن هجرت ڪندا ته اهي انهن جي مدد ڪندا ۽ انهن جو دفاع ڪندا.

پاڻ سڳورنﷺ مدينه ڏانهن هجرت ڪئي ۽ مڪي ۾ جيڪي تيرنهن سال گذاريا ان عرصي ۾ پاڻ رت جو هڪ قطرو به نه وهايو قريشن پاڻﷺ سان گڏ هجرت ڪرڻ وارن مسلمانن جا مال ۽ ملڪيتون روڪي ڇڏيون.

پاڻ ﷺ جنگ جو حڪم ان وقت ڏنو جڏهن مديني ڏانهن هجرت ڪرڻ وارن کي ٻن سالن جو ٽائم گذري ويو هرطرف پاڻ سڳورنﷺ جا دشمن پکڙجي ويا هئا ماڻهون پاڻ ﷺ ۽ ان جي دعوت جي خلاف موقعي جي تلاش ۾ گهيرو لڳائي ويٺا هئا ۽ ڪڏهن به پاڻ سڳورن ﷺ بذات خود جنگ جي ابتدا ڪانه ڪئي ۽ مدينو قريش جي شام ڏانهن وڃڻ وارن تجارتي قافلن جي رستي ۾ ايندو هو ان لاءِ جنگ جي ابتدا ان وقت ٿي جڏهن رسو اللهﷺ قريش جي تجارتي قافلي ڏانهن نڪتا تانجو انهن جو اقتصادي رستو محصور ڪري (روڪي) انهن کي مجبور ڪيو وڃي ته جيئن هو رڪاوٽ نه بنجن ۽ ماڻهن کي ان جي دعوت قبول ڪرڻ کان نه روڪين پاڻ سڳورنﷺ ۽ ان تي ايمان وارن کي تڪليفون نه ڏين ۽ ان لاءِ به ته پاڻﷺ ۽ ان جي ساٿين کان جيڪو مال مڪي ۾ کسيو ويو هو ان کي واپس حاصل ڪري سگهن مگر اهو قافلو ابو سفيان جي قيادت ۾ جيڪو اڃان مسلمان نه ٿيو هو نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

جڏهن قريش کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته انهن جنگ جي تياري شروع ڪري ڇڏي پنهنجن لڙاڪن کي تيار ڪيو ۽ محمد ﷺ سان جنگ لاءِ نڪري پيا.پوءِ اسلام جي جنگ لڳي جنهن ۾ پاڻ ﷺ ۽ ان جي ساٿين کي ڪاميابي حاصل ٿي.

أُذِنَ لِلَّذِينَ يُقَاتَلُونَ بِأَنَّهُمْ ظُلِمُوا وَإِنَّ اللَّهَ عَلَى نَصْرِهِمْ لَقَدِيرٌ (39) الَّذِينَ أُخْرِجُوا مِنْ دِيَارِهِمْ بِغَيْرِ حَقٍّ إِلَّا أَنْ يَقُولُوا رَبُّنَا اللَّهُ وَلَوْلَا دَفْعُ اللَّهِ النَّاسَ بَعْضَهُمْ بِبَعْضٍ لَهُدِّمَتْ صَوَامِعُ وَبِيَعٌ وَصَلَوَاتٌ وَمَسَاجِدُ يُذْكَرُ فِيهَا اسْمُ اللَّهِ كَثِيرًا وَلَيَنْصُرَنَّ اللَّهُ مَنْ يَنْصُرُهُ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِيٌّ عَزِيزٌ (40) الَّذِينَ إِنْ مَكَّنَّاهُمْ فِي الْأَرْضِ أَقَامُوا الصَّلَاةَ وَآتَوُا الزَّكَاةَ وَأَمَرُوا بِالْمَعْرُوفِ وَنَهَوْا عَنِ الْمُنْكَرِ وَلِلَّهِ عَاقِبَةُ الْأُمُورِ (41)[17]

ترجمو:انهن ماڻهن کي جهاد جي اجازت ڏني وئي جن سان جنگ ڪئي وڃي پئي ان لاءِ جو انهن تو ظلم ڪيو ويو ۽ بيشڪ الله تعالى مظلومن جي مدد تي وڏو قادرآهي (هي) اهي ماڻهون آهن جن کي پنهنجن گهرن مان ناحق ڪڍيو ويو صرف ان لاءِ جو اهي چوندا هئا اسان جو رب الله تعالى آهي (يعني انهن باطل کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو) پوءِ جيڪڏهن الله تعالى انساني طبقات مان بعض کي بعض جي ذريعي (جهاد ۽ انقلابي ڪاوشن جي صورت ۾) هٽائيندو نه رهي ها ته (راهبن جون) خانقائون ۽ (عيسائين جا) گرجا گهر (يهودين جا) ڪنيسا ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو ڪثرت سان ورتو وڃي ٿو سي سڀ ڊاٺيون وڃن ها جيڪي ماڻهون الله (جي دين) جي مدد ڪندا ته اهو (الله) به انهن جي ضرور مدد ڪندو بيشڪ الله تعالى وڏو طاقتور ۽ زبردست غالب آهي.

بلڪه ايترو علم هجڻ ڪافي آهي جيڪي به فتوحات 23 ٽيويهن سالن جي مدد ۾ حاصل ٿيون (جيڪو پاڻ سڳورنﷺ جي بعثت کان وٺي وفات جو عرصو آهي) جنهن ۾ پاڻ پوري جزيرة عرب کي پنهنجو تانع ڪري ڇڏيو ان پوري ٽائم ۾ مسلمانن ۽ مشرڪن جي مقتولن جو تعداد ٽي سئو پنجهتر(375) کان وڌيڪ نه هو.

ان کان پوءِ پاڻ سڳورنﷺ جا خليفا به پاڻ سڳورن ﷺ جي نقشِ قدم تي هليا جن حسنِ اخلاق سٺي سلوڪ ۽ عمده طريقن سان دعور جي ذريعي ملڪن جا ملڪ فتح ڪيا هڪ نئون مسلمان جنهن جو نالو بشير احمد شاد آهي اهو چئي ٿو جيڪو سوال مونکي سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندو هو ته اسان عيسائي سوچيندا هئاسين ته اسلام جيڪڏهن بذريعه تلوار پکڙيو آهي ته پوءِ مون پنهنجي پاڻ کان سوال ڪيو ته پوري دنيا جتي مسلمان ناهن پهتا اتي اسلام ڪيئن پهتو ماڻهون ڪيئن مسلمان ٿيا ۽ ٿين پيا ۽ روز روز بيشمار ماڻهون ڇو بغير ڪنهن جبر ۽ تشدد جي اسلام قبول ڪن پيا ۽ ان کان پوءِ اسان کي اهو به ڏسڻ گهرجي ڇا اسلام اهو واحد دين آهي جيڪو پنهنجي پيروڪارن کي حڪم ڏئي ٿو ته هو دين جي نشر و اشاعت ۽ ان جي دفاع لاءِ قوت حاصل ڪن .؟ توريت ۾ سفر تثنيه اصحاح ويهه (بيس) عدد ڏهه (دس) ۽ ان کانپوءِ لکيل آهي ته 

ªجڏهن تون ڪنهن شهر سان جنگ ڪرڻ لڳين ۽ ان جي ويجهو پهچين ته پهرين صلح جو پيغام ڏي.

«۽ جڏهن اهي تو کي صلح جو جواب ڏين ۽ ڦاٽڪون تو لاءِ کولي ڇڏين ۽ اتان جا سڀ ماڻهون تنهنجا خدمتگذار بنجي ڪري تنهنجي خدمت ڪن.

¬۽ جيڪڏهن هو توسان صلح نه ڪن ۽ تو سان جنگ ڪرڻ چاهين تون انهن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏ.

جڏهن الله تعالى انهن کي تنهنجي قبضي ۾ آني ڇڏي ته هر ماڻهون کي تلوار سان قتل ڪري ڇڏ.

®مگر عورتن ۽ ٻار ٻچن ۽ مويشي ۽ ان شهر جو سڀ مال پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏجان ۽ تون پنهنجي دشمن جي لٽيل مال جيڪو خدا تو کي ڏنو آهي اهو کائجان

¯انهن سڀني شهرن جو اهو حال ڪجان جيڪي توکان گهڻو پري آهن انهن قومن جا شهر ناهن.

^پر ان قومن جي شهر ۾ جن کي خداوند تنهنجو خدا ميراث جي ذريعي تو کي ڏي ڪنهن ذي نفس کي جيئڻ لاءِ بچائي نه رکجان 

&بلڪه انهن جي حيثي ۽ اموري ۽ ڪعناني ۽ فرزي ۽ حوي ۽ يبوسي قومن کي جيئن تنهنجي خداوند تو کي حڪم ڏنو آهي بلڪه اهڙي طرح تهس نهس ڪري ڇڏجان اهڙي انجيل ۾ اصحاح احدس پنجويهه ۽ ان کان پوءِ اهڙي طرح لکيل آهي.

34؛اهو نه سمجهو ته آئون زمين تي صلح ڪرڻ لاءِ آيو آهيان مگر تلوار هلائڻ آيو آهيان.

35؛بلڪه آئون ان لاءِ آيو آهيان ته ماڻهون کي ان جي پيءَ کان ۽ ڌي ان جي مانءَ کان (بهو) کي ان جي سس کان جدا ڇڏيان.

37؛جيڪڏهن ڪو پيءَ ۽ مانءُ کي مون کان وڌيڪ عزيز رکي ٿو اهو ان جي لائق ناهي ۽ جيڪو پٽ ۽ ڌيءَ کي مون کان وڌيڪ عزيز رکي ٿو  اهو به منهنجي لائق ناهي.

38؛۽ جيڪو پنهنجو صليب نه کڻي ۽ منهنجي پٺيان نه هلي اهو به منهنجي لائق ناهي.

39؛جيڪي پنهنجي جان بچائي ٿو ان کي ضايع ڪري ٿو ۽ منهنجي ڪري پنهنجي جان ضايع ڪري ان کي بچائيندو.

گساؤلي بان پنهنجي ڪتاب (تمدن عرب) صفحو 127-128 تي لکي ٿو؛ قرآن جي ڦيلجڻ ۾ قوت جو ڪو به عمل دخل ناهي بيشڪ(اسلام جنگ ۾) مغلوب ٿيڻ وارن کي پنهنجي اديان ۾ آزادي ڏني پوءِ ڪجهه نصراني قومن اسلام قبول ڪيو ۽ عربي کي بطور زبان استعمال ڪيو ته انهن (جنگ ۾) غالب ٿيڻ وارن جو اهڙو عدل ڏٺو جيڪو انهن پنهنجن سابق سردارن وٽ نه ڏٺو ۽ اسلام ۾اهڙيون اهڙيون سهولتون ڏٺيون جن کان هو واقف هي نه هئا.

ڇا اسلامي فتوحات (غالب ٿيڻ) مال ۽ دولت جي محبت ۽ قومن جي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ هو

جيڪو ماڻهون به اسلامي تعليمات ۽ ان جي اساس ان جي اعلى مقاصد کان واقف نه هوندو شايد ان جي زهن ۾ اها سوچ پيدا ٿي ان تصور کي جيڪو خالصتًا مادي (زناني) تصور آهي جو ان کي ائين تصور ڪري ته اسلامي فتحن جو سبب مال ۽ دولت جي محبت ۽ ماڻهن جي ملڪيت قبضو ڪرڻ هو.

ته اسان چونداسين ته رسول اللهﷺ جي دعوت جي ابتدا ۾ سندس قوم پاڻ سڳورنﷺ جن سان مذاڪرات ڪيا هر طرح جون رغبتون ڏئي ڪري پاڻ سڳورنﷺ کي پنهنجو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ ﷺ جن جا سڀ مطالبه پورا ڪرڻ جا واعدا ڪيا ته جيڪڏهن پاڻ کي سرداري پسند هجي ته سردار ٺاهين اگر شادي ڪرڻ چاهين ته سڀني عورتن کان وڌيڪ خوبصورت عورت سان شادي ڪرائين اگر مال جي چاهت آهي ته مال ڏيڻ لاءِ تيار آهيون شرط اهو آهي ته اها دعوت ڇڏي ڏي جيڪا انهن جي زهن جي مطابق انهن جي معبودان باطله جي قدر و قيمت ۽ معاشري ۾ انهن جي مقام مرتبي کي گهٽ ڪري رهي آهي ته پاڻﷺ پنهنجي رب جي رهنمائي سان ۽ مڪمل اعتماد سان چوڻ لڳا آئون توهان لاءِ اهو ڪم ڇڏي ڏيان اهو مونکان نٿو ٿي سگهي ايسيتائين جو سج جو شعلو کڻي اچو مطلب اهو ته آئون اسلام جي دعوت نٿو ڇڏي سگهان ايسيتائين توهان مون وٽ ڪو مضبوط دليل کڻي اچو ۽ منهنجي لاءِ سج جو شعلو ڀڙڪائي اچو.

جيڪڏهن پاڻ سڳوراﷺ ڪوڙا من گهڙت داعي هجن ها ۽ دنياوي سازو سامان بشري مقاصد جي لالچ هجي ها ته انهن جا مطالبه مڃن ها ۽ موقعي مان فائدو حاصل ڪن ها ان لاءِ جو پاڻ سڳورن ﷺ وٽ جيڪو ڪجهه پيش ڪيو ويو اهو هر ماڻهو جو اعلى(بلند) مقصد هوندو آهي.

اهڙي طرح جڏهن الله تعالى پاڻ سڳورنﷺ کي غلبو عطا ڪيو پاڻ سڳورنﷺ جي آس پاس ارد گرد جيڪي بادشاه ۽ گورنر هوندا هئا تن کي خطن جي ذريعي اهي مطالبه ڪيا ويندا هئا ته هو پنهنجي بادشاهت ۽ جيڪو ڪجهه انهن وٽ آهي اهو پاڻ وٽ رکن  صرف اسلام قبول ڪن.

انهن خطن مان هڪڙو خط جيڪو پاڻﷺ شهشاه روم ڏي لکيو هو جنهن ۾ پاڻ فرمايائون آئون شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان جيڪو مهربان نهايت رحم ڪرڻ وارو آهي الله جي ٻانهي ۽ محمد رسول اللهﷺ جي طرفان هڪ خط هرقل جي نالي جيڪو راوم جو وڏو بادشاهه آهي ان ماڻهون تي سلامتي هجي جيڪو هدايت جو پيرو ڪار آهي ان کان پوءِ آئون تو کي اسلام جي دعوت ڏيا ٿو تون مسلمان ٿي وڃ تون سلامتي وارو ٿي ويندي الله توکي ٻيڻو ثواب ڏيندو تو انڪار ڪيو ته رومين جو گناهه به توکي ٿيندو؛

قُلْ يَا أَهْلَ الْكِتَابِ تَعَالَوْا إِلَى كَلِمَةٍ سَوَاءٍ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ أَلَّا نَعْبُدَ إِلَّا اللَّهَ وَلَا نُشْرِكَ بِهِ شَيْئًا وَلَا يَتَّخِذَ بَعْضُنَا بَعْضًا أَرْبَابًا مِنْ دُونِ اللَّهِ فَإِنْ تَوَلَّوْا فَقُولُوا اشْهَدُوا بِأَنَّا مُسْلِمُونَ[18]

ترجمو؛ اي اهل ڪتاب اهڙي ڳالهه ڏانهن اچي وڃو جيڪا اسان ۽ توهان جي وچ ۾ برابر آهي اها هي آهي ته اسان الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريون ۽ ان سان گڏ ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريون اسان مان ڪير ڪنهن  کي الله کان سواءِ رب نه بنائي اگر توهان نٿا مڃيو ته گواهه هجو اسان مسلمان آهيون.

انسtفرمائي ٿو ته رسول اللهﷺ کان اسلام جي نالي تي ڪو به سوال ڪيو ويندو هو ته پاڻ ان کي اها شيءِ ڏئي ڇڏيندا هئا چنانچه پاڻﷺ وٽ هڪ شخص آيو پاڻ ﷺ ان کي ٻن جبلن جي وچ ۾ ٻڪرين جو لشڪر ڏئي ڇڏيو اهو شخص واپس پنهنجي قوم وٽ پهتو ۽ چوڻ لڳو اي قوم وارو مسلمان ٿي وڃو بيشڪ محمد ﷺ ايترو ڏئي ٿو جو فقيري جو ڊپ ئي ختم ٿيو وڃي،

انس tفرمائي ٿو اگر چه ماڻهو جڏهن مسلمان ٿين ايندو ان جو مقصد صرف دنيا حاصل ڪرڻ هوندو جيئن ئي هو مسلمان ٿو ويندو ته اسلام هن کي دنيا ۽ ان موجود هر شيءِ کان وڌيڪ محبوب ويندو هو هڪ ڏنيهن سندس ساٿي عمر بن خطابtپاڻ سڳورنﷺ وٽ تشريف کڻي آيو ان پنهنجي نظر ڪمري تي ڊوڙائي ته ان کي ان حجري ۾ کجين جي پتن مان ٺهيل چٽائي جنهن تي رسول اللهﷺ ليٽيل هئا جنهن پاڻ سڳورنﷺ جي پاسري تي نشان ٺاهي ڇڏيا هئا ۽ گهر جي ڪل ملڪيت جو هڪ صاع جيڪو هڪ برتن ۾ رکيل هو پاڻﷺ جي ويجهو ڪنڊ ۾ چمڙي جو مشڪيزو لٽڪيل ڏٺو.

اڌ عرب جزيرو پاڻ سڳورنﷺ جو مطيع ٿي ويو هو ۽ سندس ڪل ملڪيت اها هئي جڏهن عمر بن خطاب اهو منظر ڏٺو سندن اکين مان ڳوڙها وهي پيا رسول اللهﷺ ان کان روئڻ جو سبب پڇيو چوڻ لڳو آئون ڇو نه روئان بيشڪ ڪيسر ۽ ڪسرا دنيا ۾ عيش و عشرت جي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ دنيا جي نعمتن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن ۽ رسول اللهﷺ جي ملڪيت صرف اها ئي آهي جيڪا آئون ڏسي رهيو آهيان ته رسول اللهﷺ ان کي چيو ڇا تون ان ڳالهه تي راضي آهين ته انهن لاءِ دنيا اسان لاءِ آخرت هجي.

پوءِ اسان کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته رسول اللهﷺ پنهنجي موت کانپوءِ ڪهڙو دنياوي سامان پوئتي ڇڏي ويا عمرو بن حارث tفرمائي ٿو ته رسول اللهﷺ جن پنهنجي وفات جي ٽائم نڪو درهم ڇڏيو نه دينار نه غلام نه لوڊي ۽ نه ڪا شيءِ علاوه پنهنجي خچر ۽ پنهنجي هٿيار  ۽ زمين جي جنهن کي پاڻ سڳورنﷺ صدقو ڪري ڇڏيائون ايسيتائين جو جڏهن پاڻ ﷺ هن دنيا مان رخصت ڪري ويا ته سندس زره هڪ يهودي وٽ ٽيهه (صاع) جي بدلي گروي رکيل هئي.

ته پوءِ ڪٿي آهي دنيا جي طمع ۽ مال و شهرت جي لالچ .

هي عمر بن خطابtآهي رسول اللهﷺ جو ٻيو خليفو جنهن جي زماني ۾ اسلامي فتوحات جو دائرو وسيع تر وسيع ٿيندو ويو بک جي ڪري انهن جي پيٽن مان آوازون اينديون هيون ته پاڻ پنهنجو مشهور قول چوندا هئا توهان ڏاڪار ڏيو يا نه ڏيو توهان ايسيتائين سير نه ٿيندؤ جيسيتائين مسلمان سير نه ٿين، اهد جي ڏينهن جنگ هلندڙ هئي پاڻ فرمايائون جنت ڏانهن اٿو جنهن جي ويڪرائي سڀ آسمان زمينون آهن. اهو ٻڌي حضرت عمير بن حمام عرض ڪرڻ لڳو ڇا شهادت جي بدلي آسمانن ۽ زمين جي ويڪرائي جي برابر جنت آهي رسول اللهﷺ فرمايو ها عمير بن حمام چوڻ لڳو بخ بخ رسول الله ﷺ پڇيو بخ بخ ڇوڻ تي توکي ڪنهن مجبور ڪيو عمير بن حمام چوڻ لڳو اي الله جا رسول هي مون جنت جي اميد ۾ چيو آهي رسول اللهﷺ فرمايو تون جنت وارن مان آهين ان کان پوءِ عمير بن حمام پنهنجي ٿيلهي مان کجيون ڪڍي کائڻ لڳو وري شهادت جي شوق ۾ چوڻ لڳو اگر آئون ان کجين کي کائڻ تائين زنده رهيس ته هي منهنجي لاءِ وڏي طويل زندگي ٿي ويندين چنانچه هن باقي کجيون اڇلائي اڳتي وڌي بهادري سان جنگ (لڙائي) ڪندي شهيد ٿي ويو.

مسلمانن کي ابتداءِ اسلام ۾ فتوحات حاصل ٿيون صرف اهي فتوحات انهن لاءِ ۽ ان کان بعد ۾ اچڻ وارن لاءِ سٺي ۽ عمده زندگي گذارڻ ڪافي هيون مگر اهي اتي رڪجي نه ويا ڇو ته انهن فتحن جي پويان مقصد اهو هو ته الله جي دين جي دعوت عام ڪئي وڃي ۽ سڀني ماڻهن تائين ان جي تبليغ ڪئي وڃي اهو مقصد ڪو نه هو جو مفتوحه علائقن جي ملڪيتن ۽ انهن جي جائيداد تي قبضو ڪيو وڃي.

ان جي سڀ کان وڏي دليل اها آهي ته اهي قومن سان جنگ ڪرڻ کان پهرين اختيار ڏيندا هئا ته هو مسلمان ٿي وڃن ان صورت ۾ انهن جا به اهي حق هوندا جيڪي عام مسلمانن جا آهن ۽ انهن ذمي به اهي امور هوندا جيڪي عام مسلمانن جي آهن اگر اهي اسلام کان انڪار ڪن ٿا ته ٽيڪس ڏين هي مال جي ٿوري مقدار هوندي آهي جيڪا اسلامي حڪومت انهن کان انهن جي حفاظت ۽ عام سهولتن مان استفادو حاصل ڪرڻ جي عوض ورتي ويندي آهي ۽ انهن تي ان کان علاوه ڪجهه به ڪو نه هوندو جڏهن ته مسلمان تي ساليانو زڪات ڏيڻ واجب هوندي آهي جيڪا ٽيڪس وڌيڪ هوندي آهي.

اگر اهي ٽيڪس ڏيڻ کان به انڪار ڪن ته پوءِ الله جي دين کي پهچائڻ جي ڪري انهن سان جنگ ڪئي ويندي ان لاءِ ممڪن آهي اهڙا ماڻهون به هجن جيڪي اسلام ۽ ان جي اعلى مقاصد کي سڄاڻي ايمان آڻين.

ان لاءِ به جي دين جي پهچائن ۾ ڪو رڪاوٽ وجهندو ان سان به جنگ ڪئي ويندي.

اسلامي فتوحات جو عظيم قائد خالد بن وليد tجنهن کي اسلام کان پهرين يا هالت اسلام ۾ ڪنهن به جنگ ۾ شڪست ڪا نه ملي جڏهن ان جي وفات ٿي ته ان وٽ صرف هڪ گهوڙو ۽ هڪ تلوار ۽ هڪ غلام هو ته پوءِ ڪٿي آهي دنيا جو طمع ۽ مال ۽ شهرت جي لالچ هي ان ڳالهه جي دليل آهي ته ابتدا ۾ مجاهدن جو مقصد دين جي نشر و اشاعت هوندو هو.

اهو واقعو آهي ياد ڪريو جنهن کي شداد بن الحاد روايت ڪيو آهي فرمائي ٿو ته هڪ اعرابي نبيﷺ وٽ آيو پاڻ تي ايمان آندائين ۽ تابع ٿي ويو پوءِ چوڻ لڳو آئون توهان سان هجرت ڪيان ٿو نبيﷺ ان جي متعلق بعض صحابه کي تاڪيد ڪئي هئي جڏهن هڪ جنگ ٿي نبيﷺ کي ڪجهه غنيمت جو مال حاصل ٿيو پاڻ ﷺ ان کي تقسيم ڪري ڇڏيو ۽ ان جو حصو به ڪڍي ان جي ساٿين کي ڏئي ڇڏيو هو انهن جي سوارين کي چاريندو هو جڏهن هو آيو ته انهن هن کي اها امانت ڏني هو چوڻ لڳو ته هي ڇا آهي انهن چيو هي تنهنجو حصو آهي جيڪو نبيﷺ تنهنجي لاءِ ڪڍيو آهي هو اهو وٺي نبيﷺ وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو هي ڇا آهي نبيﷺ فرمايو ته هي مون تنهنجو حصو ڪڍيو آهي چوڻ لڳو ته آئون ان لاءِ توهان جي پويان نه پيو آهيان بلڪه آئون ان لاءِ توهان جي پويا آيو آهيان ته مونکي (حلق) جي طرف اشارو ڪري هتي تير لڳي ۽ آئون فوت ٿي وڃان ۽ جنت ۾ داخل ٿي وڃان پاڻ فرمايائون اگر تون الله سان سچو آهين ته الله به توسان سچائي واري سلوڪ سان پيش ايندو ان کان پوءِ ٿوري دير گذري وري دشمن سان جنگ لاءِ تيار ٿيا ۽ ان کي نبيٖﷺ وٽ کڻي آيا ۽ ان کي اتي ئي تير لڳو هو جتي هن اشارو ڪيو هو پاڻ فرمايائون ڇا هي اهو آهي صحابن چيو جي ها پاڻ فرمايائون هن الله سان سچ ڳلهايو الله به هن سان سچ وارو سلوڪ ڪيو پوءِ پاڻ پنهنجي جبي ۾ هن کي ڪفن پارايو ۽ ان اڳيان رکي ڪري ان جنو جنازو پڙهايو ته جنازي ۾ پاڻ سڳورنﷺ جا جيڪي الفاظ ظاهر ٿيا انهن مان ڪجهه الفاظ هي آهن اي الله هي تنهنجو ٻانهو آهي هجرت ڪري تنهنجي رستي م نڪتو ۽ شهيد ٿي ويو آئون ان ڳالهه تي گواهه آهيان اسلامي تاريخ جا ڪتاب اهڙن واقعن سان ڀريل آهن جيڪي ابتداءِ اسلام ۾ مسلمانن جي هن دنيا سان بي رغبتي تي دلالت ڪن ٿا هن حدف ۽ مقصد الله جي دين جي دعوت  ۽ تمام انسانن کي ان جي تبليغ ڪرڻ هو ان ڪاميابي جي حصول جي چاهت ۾ جنهن جو رسول اللهﷺ انهن سان واعدو ڪيو هو فرمايائون اگر الله تعالى توهان جي ذريعي هڪ ماڻهون کي به هدايت ڏئي ڇڏي اهو توهان جي لاءِ ڳاڙهن اٺن کان به وڌيڪ بهتر آهي.

بلڪه انهن ۾ اڪثر اهڙا به هئا جن جا مال و جان ۽ سلطنتون هن دين جي قبول ڪرڻ جي ڪري ختم ٿي ويون اهي انهن جي اهل وعيال ۽ انهن جي قوم جو انهن سان لاتعلقي جي ڪري يا دعوتي ڪمن ۾ مصروفيتن جي ڪري جيڪا انهن کي سڀني سوچن ۽ مصروفيات تي هاوي ٿي وئي هئي نهاوند جي لڙائي جي وقت جليل قدر صحابي نعمان بن مقرنtلڙائي ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين چيائين يا الله پنهن دين کي غالب ڪر پنهنجن ٻانهن جي مدد ڪر ۽ اڄ نعمان کي سڀ کان پهرين شهيد ڪر يا الله آئون توکان سوال ڪريا ٿو ته اڄ فتح جي ذريعي منهنجون اکيون ٿڌيون ڪر جنهن ۾ اسلام غالب هجي چئو آمين.

ڇا ڀلا هن دعا ۾ دنيا جي لالچ آهي.؟

ٿورو مقوقس جي قاصد جي ڳالهه ٻڌو جڏهن اهو عمرو بن عاص کان واپس آيو جڏهن انهن بابلين جي قلعي جو محاصرو ڪيل هو ان چيو اسان هڪ اهڙي قوم ڏٺي آهي جنهن کي بلندي کان وڌيڪ تواضع پسند آهي انهن مان ڪنهن کي دنيا جي لالچ ناهي اهي مٿي نه ويهندا آهن انهن جو امير انهن وانگر هڪ عام ماڻهون هوندو آهي انهن مان ڪنهن وڏي کي ننڍي تي ۽ سردار کر غلام تي ڪا تميز حاصل ناهي.

انهن جي متعلق ٿامس ڪار لائل (Th. Carlyle)پنهنجي ڪتاب (هيروز اينڊ هيرو ورشپ) ۾ لکي ٿو اگر تلوار نه هجي ته اسلام نه ڦيلجي ها تلوار پر اها تلوار توهان ڪٿان حاصل ڪندؤ؟

هر نئون نظريو جڏهن هو پنهنجي ابتدائي مراحل ۾ هوندو آهي ته هڪ اقليت ۾ هوندو ۽ صرف هڪ شخص جي دماغ ۾ هوندو آهي اتي هو ڦيلبو آهي پوري دنيا ۾ صرف هڪ شخص ان تي يقين ڪندو آهي اهڙو ماڻهو تمام انسانن جو مخالف هوندو آهي اگر تلوار کڻي تبليغ ڪرڻ شروع ڪري تو اهو انکي تمام گهٽ فائدو ڏيندو ۽ منهنجو خيال آهي ته حق هميشه پاڻ پکڙجندو آهي ڪنهن به طريقي سان جهڙا حالات جا تقاضا هجن ڇا توهان نه ڏٺو ڇا ته نصرانيت تلوار استعمال ڪرڻ کان نه ٿڪي هئي بلڪه ڪارليمان سڪسون قبيلن سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو هو اهو ئي ڪافي آهي آئون هٿمي ڳالهه ڪو نه ٿو ڪريان اسلام جو ڦيلجڻ تلوار جي ذريعي ٿيو يا زبان جي ذريعي يا ڪنهن ٻئي آلي جي ذريعي اسان کي حقيقتن کا ڇڏي ڏين گهرجي جو ان جي قوت ڦيلجي چاهي ڪتابت جي ذريعي يا صحافت جي ذريعي جلا و گهيرا جي ذريعي اسان کي ان کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي چاهي جو پنهنجي هٿن ۽ پيرن ۽ ننهن جي ذريعي جدوجهد ڪري ۽ ان کي شڪست صرف اتي ايندي جتي ان جو مقدر هوندو.

اسلام جبر (زبردستي) ۽ تشدد جي مخالف آهي

دين اسلام رحمت، نرمي ۽ شفقت جو دين آهي جنهن جبر ۽ تشدد ڇڏڻ جي دعوت ڏني تانجو رسول اللهﷺ جي اقتدا ڪئي وڃي. جيئن ته الله تعالى جو فرمان آهي؛

فَبِمَا رَحْمَةٍ مِنَ اللَّهِ لِنْتَ لَهُمْ وَلَوْ كُنْتَ فَظًّا غَلِيظَ الْقَلْبِ لَانْفَضُّوا مِنْ حَوْلِكَ[19]

ترجمو: بس الله جي ڪهڙي ته رحمت آهي جو تون انهن لاءِ نرم طبيعت آهين اگر تون انهن سان بد زبان ۽ سخت دل هجين ها ته ماڻهون تو وٽان ڀڄي وڃن ها.

چنانچه اسلامي تعليمات اهو شوق ڏيارو آهي ته هر ڪمزور ۽ مسڪين تي رحمت، شفقت ۽ نرمي ڪئي وڃي

رسول اللهﷺ جو فرمان آهي؛

رحم ڪرڻ وران تي رحمٰن رحم ڪندو آهي توهان زمين وارن تي رحم ڪريو آسمانن وارو توهان تي رحم ڪندو.[20](صحيح الجامع:3522،الصحيحة:925)

بلڪه اسلامي رحمت ته انسانن کان به ايتري وڌي وئي جو ان ۾ حيوانن جو حصو به اچي ويو جو انهن جي زبان جانورن تي رحم ڪرڻ جي ڪري هڪ شخص جا گناهه معاف ڪيا ويا ۽ ان کي جنت ۾ داخل ڪيو ويو پاڻﷺ جن جو فرمان آهي؛

هڪ ماڻهون رستي ۾ هلي رهيو هو ته ان دوران هن کي گهڻي اڃ لڳي ان کي هڪ کوهه ڏسڻ ۾ آيو جنهن ۾ هن لهي پاڻ پيتو جڏهن باهر نڪتو ته هن هڪ ڪتي کي ڏٺو اهو زبان ڪڍي سهڪي رهيو آهي ۽ اڃ جي ڪري مٽي چٽي رهيو آهيو اهو ڏسي ڪري هن چيو ته هن ڪتي جي اڃ ڪري اها حالت آهي جيڪا منهنجي هئي لهذا هو کوهه ۾ لٿو ۽ پوءِ پنهنجو چمڙي وارو جوراب پاڻ سان ڀري ڪتي کي پياريو ان تي ڪتي الله کان ان جو شڪريو ادا ڪيو الله ان کي بخشي ڇڏيو اهو ٻڌي صحابه اڪرام پاڻﷺ کان پڇا ڪئي ته اي الله جا رسول ڇا اسان لاءِ جانورن ۾ به اجر و ثواب آهي پاڻﷺ فرمايائون هر تر ۽ تازي يعني زنده جگر وارن ۾ اجر آهي   (متفق عليه)

 ۽ انهن کي تڪليف ڏيڻ ۽ رحمت ۽ شفقت نه ڪرڻ تي هڪ عورت الله جي ناراضگي جي مستحق ٿي ۽ جهنم ۾ داخل ٿي.

رسول اللهﷺ جو فرمان آهي ته؛

هڪ عورت ٻلي جي ڪري جهنم ۾ وئي انهي ٻلي کي ٻڌي ڇڏيو نه ان کي کاڌو کارايائين ۽ نه ئي پاڻ پياريائين ۽ نه ٿي ان کي کوليائين جو هو زمين تي ڪيڙا مڪوڙا کائي (پنهنجي جان بچائي)[21]

اهڙيون ڪيتريون نبوي هدايات موجود آهن جن ۾ حيوانات تي احسان ڪرڻ ۽ انهن سان نرمي ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي جڏهن اسلام جي حيوانن سان اها رحمت آهي ته پوءِ انسان جنهن کي انسان اشرف المخلوقات ۽ عزتدار بنايو ان سان رحمت جو ڇا عالم هوندو.

جنگجوئن (جنگ ڪرڻ وارن) سان اسلامي نظام اسلام جي عدل ۽ ظلم جي واضع دليل آهي

 ته اسلام ۾ جنگ مسلمانن جي اولين خواهش ناهي رهي جنهن جي واضح مثال اها آهي جو مسلمانن علوم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ وڏي ترقي حاصل ڪئي آهي راضيات، طب، فلڪيات، گهڙي، ڪشتي باني، عمارت ۽ نقش نگار وغيره مگر انهن جنگي آلات کي ڪا اهميت ناهي ڏني تانجو ان ۾ ترقي ڪن اگرچه انهن تي فرض هو ته اهي هن تياري ۾ رهن جو انهن جي دشمن جي ذهنن ۾ شر دٻجي وڃي جن جو مقصد ئي زمين تي فساد پکيڙڻ آهي قرآن مجيد ۾ ارهاب جي معنى الله تعالى جي هن قول ۾ وارد ٿي آهي؛

 

ترجمو: ۽ انهن (ڪافرن جي مقابلي) لاءِ جيتري قدر اوهان کان ٿي سگهي (هٿيارن سان) قوت ۽ پاليل گهوڙن سان تيار رهو ۽ انهن سان الله جي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن کي خوفزده ڪيو (رعب ڄمائي رکو).

بهتر اهو ئي هو جو مسلمان قوي هٿيارن سان هجن ها تاڪه عادل ۽ صلح جيڪي ماڻهن تي زيادتي ڪن ٿا انهن کي معلوم ٿي وڃي ها ته خوف جنهن جي معنى قرآن مجيد ۾ آهي ان جو مفهوم ڇا هوندي آهي.

ان خوف جو مطلب امن پسند ۽ صلح آهي جيڪي ماڻهن تي نه زيادتي ڪن ٿا ۽ نه ئي قتل جو بدلو وٺڻ پسند ڪن ٿا نه ئي بيمارن کي تڪليفون ڏئي زخمين جي پڪار ۽ مقتولين جي جسمن جو مثلو ڪري لطف اندوز ٿين ٿا ۽ نه ئي قيدين کي عذاب ڏئي ڪري تسلي و تشفي حاصل ڪرڻ انهن جو مقصد آهي.

صلاح الدين المنتصر پاڻ قيدين جو علاج ڪندا هئا ۽ انهن کي پاڻ پياريندا هئا ۽ بغير ڪنهن ارادي جيڪي شاذ ۽ نادر غلطيون ٿي وينديون هيون انهن تي روئيندا هئا.

مسلمانن وٽ جنگ اهڙي حوس ناهي جنهن ۾ زخمين جي آهه و پڪار ۽ انهن کي تڪليف ڏئي ڪري مسلمانن کي لذت ملندي هجي بلڪه هي جنگ ظلم کي روڪڻ ۽ معاشري ۾ عدل ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪري ٿيندي آهي باوجود ان جي جو بين قومن سان اسلامي تعلقات امن ۽ سلامتي تعلقن تي مبني آهن ها جڏهن اسلام جي دعوت جا سڀ طريقا ختم ٿي وڃن ته پنج حالتن ۾ جنگ ڪرڻ مشروع ڏنو ويو آهي. اهي حالات هي آهن؛

1؛ اهل و عيال ۽ شهر جي دفاع لاءِ. 

الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَقَاتِلُوا فِي سَبِيلِ اللَّهِ الَّذِينَ يُقَاتِلُونَكُمْ وَلَا تَعْتَدُوا إِنَّ اللَّهَ لَا يُحِبُّ الْمُعْتَدِينَ[22]

ترجمو: توهان الله جي راهه ۾ انهن سان وڙهو جيڪي توهان سان وڙهن ٿا ۽ حد کان نه لنگهو (نه زيادتي ڪريو ۽ نه اڳرائي ڪريو) بيشڪ الله حد لگهيندڙن کي پسند نٿو ڪري.

2؛ مظلوم تان ظلم کي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي مدد لاءِ اهو ئي معاملو اسلام ۾ جنگ کي انسانيت بنائي ٿو

الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَمَا لَكُمْ لَا تُقَاتِلُونَ فِي سَبِيلِ اللَّهِ وَالْمُسْتَضْعَفِينَ مِنَ الرِّجَالِ وَالنِّسَاءِ وَالْوِلْدَانِ الَّذِينَ يَقُولُونَ رَبَّنَا أَخْرِجْنَا مِنْ هَذِهِ الْقَرْيَةِ الظَّالِمِ أَهْلُهَا وَاجْعَلْ لَنَا مِنْ لَدُنْكَ وَلِيًّا وَاجْعَلْ لَنَا مِنْ لَدُنْكَ نَصِيرًا[23]

ترجمو: ۽ (اي مسلمانو) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي توهان الله جي رستي ۾ ۽ انهن (بيوس لاچار) هيڻن مردن ۽ زالن ۽ ٻارن لاءِ نٿا وڙهو جيڪي (ظالمن جي ظلم کان عاجز ٿي) چئي رهيا آهن ته اي اسان جا رب اسان کي هن شهر مان ڪڍ جنهن جا رهاڪو ظالم آهن اسان لاءِ پنهنجي رب جي طرفان ڪو سار لهندڙ پيدا ڪر ۽ اسان کي پاڻ وٽان ڪو مدد گار بنا.

3؛ عهد خلافي ۽ ميثاق کي ٽوڙڻ جي حالت ۾.

الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَإِنْ نَكَثُوا أَيْمَانَهُمْ مِنْ بَعْدِ عَهْدِهِمْ وَطَعَنُوا فِي دِينِكُمْ فَقَاتِلُوا أَئِمَّةَ الْكُفْرِ إِنَّهُمْ لَا أَيْمَانَ لَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَنْتَهُونَ (12) أَلَا تُقَاتِلُونَ قَوْمًا نَكَثُوا أَيْمَانَهُمْ وَهَمُّوا بِإِخْرَاجِ الرَّسُولِ وَهُمْ بَدَءُوكُمْ أَوَّلَ مَرَّةٍ أَتَخْشَوْنَهُمْ فَاللَّهُ أَحَقُّ أَنْ تَخْشَوْهُ إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ[24]

ترجمو: ۽ جيڪڏهن اهي عهد ڪرڻ کانپوءِ پنهنجا قسم ٽوڙين ۽ اوهان جي دين تي طعن ڪن ته (اهڙن) ڪافرن جي سردارن سان جنگ ڪريو ڇاڪاڻ ته انهن جو ڪو عهد اعتبار ناهي هوندو مَنَ هو (ظلم، فتني، فساد، شرارت کان ۽ عهد شڪني کان) باز اچن.

ڇا توهان اهڙي قوم سان نه وڙهندؤ جن پنهنجن قسمن کي ڀڳو ۽ پيغمبر کي وطن نيڪالي لاءِ سنبريا ۽ توهان جي خلاف پهرين ڀيري (لڙائي جي) شروعات به هنن ڪئي ڇا توهان انهن کان ڊڄو ٿا پوءِ جيڪڏهن توهان سچا مومن آهيو ته الله وڌيڪ حقدار آهي ته ان کان ڊڄو.

4؛ مسلمانن جي جماعت تي خروج ڪرڻ وارن باغي گروهن کي سبق سيکارڻ لاءِ جيڪي عدل ۽ انصاف جا منڪر هجن.

الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَإِنْ طَائِفَتَانِ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ اقْتَتَلُوا فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُمَا فَإِنْ بَغَتْ إِحْدَاهُمَا عَلَى الْأُخْرَى فَقَاتِلُوا الَّتِي تَبْغِي حَتَّى تَفِيءَ إِلَى أَمْرِ اللَّهِ فَإِنْ فَاءَتْ فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَأَقْسِطُوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ[25]

ترجمو: ۽ جيڪڏهن مومنن جون ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن جي صلح ڪرايو پوءِ جيڪڏهن هڪ ڌر ٻي ڌر تي زيادتي ڪري ته توهان ان گروه سان وڙهو جيڪو زيادتي جو مرتڪب ٿي رهيو آهي ايسيتائين جو الله جي حڪم ڏانهن موٽي اچي پوءِ جيڪڏهن هو رجوع ڪري ته ٻنهين جي وچ ۾ عدل و انصاف سان صلح ڪرايو ۽ انصاف سان هلو بيشڪ الله صلح ڪرڻ وارن کي گهڻو پسند ڪندو آهي.

5؛ دين جو دفاع ۽ ان دين سان کيڏڻ وارن سان ۽ ان جي حفاظت جي حالت ۾ ۽ اهڙي طرح الله تعالى جي شرعيت پهچائڻ ۾ ڪو رلاوٽ بنجي ان سان ۽ جيڪو به ايمان وارن کي تڪليف ڏي يا هن دين ۾ داخل ٿيڻ وارن لاءِ رڪاوٽ بنجي ان سان جنگ ڪن ڇو جو اسلام جي دعوت عالمگير دعوت آهي هي ڪنهن خاص قوم لاءِ محدود ناهي بلڪه تمام انسانن لاءِ ضروري آهي ته هن دعوت کي ٻڌن ۽ هن جي معرفت حصل ڪن ۽ ان ۾ جيڪا تمام انسانن لاءِ ڀلائي آهي ان کي سڄاڻين ۽ ان کان پوءِ دين اسلام ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪن جيسيتائين توسيعي ۽ استعماري جنگن جو تعلق آهي جيڪي قومن جي مال کي حاصل ڪرڻ لاءِ نافذ ڪيون وڃن ٿيون يا انتقامي جنگو جن جو انجام تباهي ۽ بربادي کان عکاوه ڪجهه به ڪونهي اهڙي طره فخر، غرور ۽ پنهنجي طاقت جو اظهار ڪرڻ لاءِ وڙهڻ واريون جنگيون اسلام انهن سڀني کان منع ڪيو آهي ان لاءِ اسلام ۾ جنگ جو مقصد صرف الله تعالى جي ڪلمي کي بلند ڪرڻ هوندو آهينه ئي ڪنهن شخص جي خواهشات، طمع ۽ لالچ  الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَلَا تَكُونُوا كَالَّذِينَ خَرَجُوا مِنْ دِيَارِهِمْ بَطَرًا وَرِئَاءَ النَّاسِ[26]

ترجمو: توهان انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو جيڪي پنهنجي گهرن مان تڪبر سان ماڻهن جي ڏيکاءُ لاءِ نڪتا.

اسلام ۾ جنگ جا قواعد و ضوابط

اگرچه اسلام بحالت ضرورت جنگ جي اجازت ڏني آهي ليڪن گڏ ان جا قاعدا ۽ ضابطا بيان ڪيا آهن پاڻﷺ جو فرمان آهي الله جي رستي ۾ ان جو نالو وٺي لڙائي ڪيو ۽ هر ان ماڻهون سان وڙهو جيڪو الله سان گڏ ڪفر ڪري ٿو ۽ خيانت نه ڪريو ۽ بد عهدي مثلو ۽ ٻارن کي قتل نه ڪريو

رسول اللهﷺ جن جو پهريون خليفو ابوبڪر صديق جڏهن پنهنجي قائدين کي جنگ لاءِ روانا ڪندا هئا ته انهن کي چوندا هئا هتي بيهو آئون توهان کي ڏهن ڳالهين جي وصيت ٿو ڪريان انهن کي ياد ڪري ڇڏيو خيانت نه ڪجو، مال غنيمت مان چوري نه ڪجو، عهد شڪني نه ڪجو، مثلو نه ڪجو، ننڍي ٻارن ۽ عورتن ۽ پوڙهن کي قتل نه ڪجو کجين جا وڻ نه وڍجو ۽ نه انهن کي باهه ڏئي ختم ڪجو فروٽن وارن وڻن کي نه وڍجو ٻڪري، اٺ ۽ ڳئون ذبح نه ڪجو ايسيتائين جو کائڻ جي ضرورت پئجي وڃي توهان جو رستي ۾ اهڙي قوم وٽان گذر ٿيندو جن پنهنجي پاڻ کي خانقاهن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي انهن کي پنهنجي حال ۾ ڇڏ ڏجو.

اسلام ۾ قيدي

اسلام ۾ قيدين کي عذاب ڏيڻ انهن کي ذليل ڪرڻ انهن کي خوفزده ڪرڻ انهن جو مثلو ڪرڻ انهن کي مرڻ تائين بکيو رکڻ نا جائز آهي.

الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَيُطْعِمُونَ الطَّعَامَ عَلَى حُبِّهِ مِسْكِينًا وَيَتِيمًا وَأَسِيرًا (8) إِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللَّهِ لَا نُرِيدُ مِنْكُمْ جَزَاءً وَلَا شُكُورًا[27]

ترجمو: ۽ (اهي) پنهنجو کاڌو الله جي محبت ۾ (پاڻ کي انهن جي طلب ۽ حاجت جي باوجود) محتاجن ۽ يتيمن کي ۽ قيدين کي کارائيندا آهن (۽ چون ٿا) اسان صرف الله جي رضا لاءِ توهان کي کارائي رهيا آهيون نه توهان کان ڪنهن بدلي جي لالچ آهي نه ئي شڪر گذاري جي (خواهش) آهي.

بلڪه اسلام انهن جو اڪرام ۽ انهن تي شفقت ۽ نرمي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

هي ابو عزير بن عمير آهي مصعب بن عمير جو ڀاءُ چوي ٿو آئون بدر واري ڏينهن قيدين ۾ هئس رسول اللهﷺ جن فرمايو قيدين سان ڀلائي جي وصيت ڪريو ۽ آئون انصار جي هڪ جماعت ۾ هئس جڏهن انهن جو ٻنپهرن ۽ رات جو کاڌو ايندو هو ته رسول اللهﷺ جي وصيت جي ڪري پاڻ کجيون کائيندو هو ۽ مونکي جَوَ (جي ماني) کارائيندو هو.[28]

اسلام ته قيدين کي آزاد ڪرڻ جو شوق ڏياريو آهي رسول اللهﷺ جو فرمان؛ قيدين کي آزاد ڪريو بکين کي کاڌو کارايو ۽ بيمارن جي عيادت ڪريو.[29]

اسلام ۾ شڪست زده قوم جي حالت

اسلام ۾ شڪست زده قومن جي عزت کي پامال ڪو نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي انهن کان مال کسيو ويندو ۽ نه ئي انهن جي بي حرمتي ڪئي ويندي ۽ نه ئي انهن کي ذليل ڪيو ويندو نه ئي انهن جي گهرن کي اکاڙيو (ختم) ڪيو ويندو نه ئي انتقام وٺڻ لاءِ انهن کي قتل ڪيو ويندو بلڪه اصلاح ۽ نيڪي جو حڪم ۽ ڀلائي کان روڪيو ويندو عدل ۽ انصاف قائم ڪيو ويندو الله تعالى جو فرمان آهي؛

الَّذِينَ إِنْ مَكَّنَّاهُمْ فِي الْأَرْضِ أَقَامُوا الصَّلَاةَ وَآتَوُا الزَّكَاةَ وَأَمَرُوا بِالْمَعْرُوفِ وَنَهَوْا عَنِ الْمُنْكَرِ وَلِلَّهِ عَاقِبَةُ الْأُمُورِ[30]

ترجمو: (هي اهل حق) اهي ماڻهون آهن جيڪڏهن اسان انهن کي زمين تي اقتدار ڏئي ڇڏيون ته نماز (جي نظام کي) قائم ڪندا ۽ زڪواة جي ادائيگي (جي نظام کي) ادا ڪندا ۽ (پوري معاشري ۾ نيڪي ۽) ڀلائي ڪندا ۽ (ماڻهن کي) برائي کان روڪيندا ۽ سڀ ڪمن جو انجام الله جي اختيار ۾ آهي.

انهن کي پنهنجي عقيدن ۽ پنهنجي ديني معاشري جي بجا آوري ۾ مڪمل آزادي هوندي بغير ڪنهن مداخلت جي ۽ دشواري ۽ رڪاوٽ جي جيڪو انهن کي اثر انداز ڪري نه انهن جا ڪنيسا منهدم ڪيا ويندا ۽ نه انهن جي صليبن کي ٽوڙيو ويندو ان جي بهترين دليل اهو معاهدو آهي جيڪو حضرت عمر بن خطاب بيت المقدس وارن کي ڏنو هو ۽ اهي ان ۾ فتح جي حيثيت سان داخل ٿيا هئا.

شروع الله جي نالي سان جيڪو وڏو مهربان نهايت رحم ڪرڻ وارو آهي هي امان آهي جيڪا الله جي ٻانهي عمر بن خطاب اهل مقدص کي ڏني آهي انهن جي جانين مالن ڪنيسائن ۽ صليبين تي امان ڏني آهي انهن جي دين تي انهن تي زبردستي ڪا نه ڪئي ويندي ۽ نه ئي انهن مان ڪنهن کي تڪليف ڏني ويندي.

ڇا توهان تاريخ ۾ فاتح ۽ غالب جي طرفان مفتوح ۽ مغلوب جي لاءِ اهڙي طرح عدل ۽ درگذري کي ڏٺو هوندو باوجود ان جي جو انهن لاءِ ممڪن هو ته هو چاهين ها ته شرائط لکائين ها ليڪن هي انهن جو عدل ۽ تمام انسانن تي الله تعالى جي شريعت جو نفاذ قائم ڪرڻ هو ۽ اهڙي طرح انهن جي دين ۾ جيڪو کاڌو پيتو انهن لاءِ حلال آهي انهن لاءِ کائڻ پيئڻ ۾ مڪمل آزادي هوندي نه انهن جا خنزير قتل ڪيا ويندا ۽ نه ئي انهن جو شراب هاريو ويندو. 

جيسيتائين انهن جي شهري معاملن جو تعلق آهي جيئن نڪاح ۽ طلاق جا مسئلا ۽ مالي مسئلا وغيره ته انهن کي پنهنجي عقيدي ۽ دين جي مطابق انهن تي عمل ڪرڻ ۾م مڪمل آزادي هوندي.

اسلامي رياست ۾ غير مسلمانن جي حالت

 معاهد غير مسلمان تي نه ظلم ڪيو ويندو ۽ نه ئي انهن جا حق کسيا ويندا ۽ نه ئي انهن سان بدسلوڪي ڪئي ويندي الله تعالى جو فرمان آهي؛

لَا يَنْهَاكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذِينَ لَمْ يُقَاتِلُوكُمْ فِي الدِّينِ وَلَمْ يُخْرِجُوكُمْ مِنْ دِيَارِكُمْ أَنْ تَبَرُّوهُمْ وَتُقْسِطُوا إِلَيْهِمْ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ[31]

ترجمو: الله توهان کي ان ڳالهه کان منع نٿو ڪري ته جن ماڻهن توهان سان دين (جي لاءِ) جنگ ناهي ڪئي ۽ نه توهان کي توهان جي گهرن مان (يعني وطن مان) ڪڍيو ۽ انهن سان عدل ۽ انصاف ڪريو بيشڪ الله تعالى عدل ۽ انصاف ڪرڻ وارن کي پسند ڪندو آهي.

رسول اللهﷺ فرمايو؛

خبردار جنهن به ڪنهن معاهد (غير مسلم شهري) تي ظلم ڪيو يا ان جو حق غضب ڪيائين يا ان جي رضا جي بغير ان کان ڪا شيءِ کسيائين ته آئون قيامت واري ڏينهن ان جي طرفان (مسلمان جي خلاف) جهگڙو ڪندس.[32]

بلڪه ان سان ڀلائي وارو برتاءُ ڪرڻو آهي ان لاءِ سٺائي کي پسند ڪيو ويندو ۽ ان کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

انسtفرمائي ٿو ته هڪ يهودي ڇوڪرو نبيﷺ جي خدمت ڪندو هو اهو بيمار ٿي ويو ته رسول اللهﷺ پنهنجي ساٿين کي چيو اسان سان گڏ ان جي عيادت لاءِ هلو چنانچه اهي ان جي عيادت لاءِ آيا ان جو پيءُ ان جي وهاڻي (سرهاندي) وٽ ويٺو هو ته رسول اللهﷺ ان کي چيو تون لا الٰه الّا الله چو آئون قيامت جي ڏينهن تنهنجي سفارش ڪندس ان پنهنجي پيءُ ڏانهن نهاريو جيڪو ان جي سرهاندي وٽ ويٺو هو ته ان کي ان جي پيءُ چيو تون ابوالقاسم جي اطاعت ڪر ته هو مسلمان ٿو ويو.

پاڻﷺ اهو چوندي اٿيا تمام تعريفون ان ذات لاءِ جنهن هن کي منهنجي ذريعي باهه کان نجات ڏني.[33]

هي عبدالله بن عمروt آهن ان جي گهر ٻڪري ذبح ڪئي وئي جڏهن هو (پنهنجي گهر) تشريف آوري ٿيا ته چوڻ لڳا ڇا توهان اسان جي پاڙيسري يهودي ڏانهن تحفو موڪليو؟ ڇا توهان اسان جي پاڙيسري يهودي ڏانهن تحفو موڪليو آهي؟ مون رسول اللهﷺ کان اهو فرمائيندي ٻڌو آهي جبرائيل مسلسل مونکي پاڙيسري جي باري ۾ (حسن سلوڪ) جي وصيت ڪندو رهيو ايسيتائين جو مونکي اهو گمان ٿيو ته عنقريب انهن کي وارث بنائي ڇڏيندو.[34]

اسلام جي مباديات (ايجاد) عمومًا ماڻهن لاءِ سلامتي چاهي ٿي

(1)انساني جان جي تعظيم ڪئي وڃي ان لاءِ جو انسان اسلام ۾ قيمتي ۽ قابل قدر آهي ان جو هڪ مقام ۽ مرتبو آهي ان لاءِ اسلام ۾ قصاص کي مشروع قرار ڏنو ويو آهي چنانچه عمدًا (ڄاڻي واڻي) قتل ڪرڻ واري کي قتل جو حڪم ڏنو ويو آهي.

جيڪو غلطي واري قتل جو معاملو آهي ته ان لاءِ اسلام ۾ ديت جو حڪم آهي ديت هڪ مالي رقم هوندي آهي جيڪا مقتول جي وارثن کي ڏني ويندي آهي اها مقتول جي قيمت ناهي هوندي بلڪه هي ان نقصان جو مالي بدلو آهي جيڪو مقتول جي وارثن کي پهچي ٿو.

۽ ڪفارو هي آهي ته هڪ غلام آزاد ڪندو اگر نه مليو ته ٻه مهينا مسلسل روزا رکندو اگر ان جي طاقت نه هجي ته سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائيندو اهو ڪفارو هڪ عبادت هوندي آهي جنهن سان الله جو قرب حاصل ڪيو ويندو آهي ان اميد سان ته الله ان جو اهو گناهه معاف ڪري ڇڏي جيڪو بغير مقصد ان کان ٿي ويو آهي اهو صرف ان لاءِ ته انساني نفس جي حفاظت ڪئي وڃيان جي زندگي سان کيڏيو نه وڃي ۽ سرڪش ماڻهن کي قتل جهڙي ڀيانڪ جرم جي ارتڪاب کان روڪيو وڃي.ان لاءِ جو جنهن ماڻهو کي يقين هوندو ته اگر هن ڪنهن کي قتل ڪيو ته بدلي ۾ ان کي قتل ڪيو ويندو ته اهو ان جرم جي ارتڪاب کان پري رهندو۽ پنهنجي شر کي پاڻ تائين محدود رکندو اگر قتل جي سزا نه هجي ته هو ڪڏهن به ان ڪم کان پري نه ٿيندو اهڙي طرح اسلام جيتريون به سزائون مقرر ڪيون آهن انهن کي به ان تي قياس ڪيو وڃي ته هي حدون انهن جرمن جي روڪڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهن جن ان لاءِ ٺاهيو ويو آهي ته انساني نفس ۽ ان جي حقن جي حفاظت ڪئي وڃي الله تعالى جو فرمان؛

وَلَكُمْ فِي الْقِصَاصِ حَيَاةٌ يَا أُولِي الْأَلْبَابِ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ[35]

ترجمو: ۽ توهان لاءِ قصاص (يعني خون جي بدلي خون) ۾ ئي زندگي (جي زمانت) آهي اي عقلمندو تانجو توهان (خونريزي ۽ بربادي کان) بچو.

اسلام صرف دنياوي سزائن تي بس ڪا نه ڪئي آهي بلڪه عمدًا قتل ڪرڻ تي اخروي سزا به لڳائي آهي جيڪا ان تي الله تعالى جي غضب جي شڪل ۾ نازل ٿيندي الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَمَنْ يَقْتُلْ مُؤْمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزَاؤُهُ جَهَنَّمُ خَالِدًا فِيهَا وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيْهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذَابًا عَظِيمًا[36]

ترجمو: ۽ جيڪو شخص ڪنهن مسلمان کي عمدًا قتل ڪندو ته ان جي سزا جهنم آهي اهو ان ۾ هميشه رهندو ۽ الله ان کان غضبناڪ ٿيندو ۽ ان تي لعنت ڪندو. ۽ ان لاءِ زبردست عذاب تيار ڪري رکيو آهي.

دين اسلام ۾ تمام انسان مرد هجن چاهي عورتون اصل ۽ پيدائش جي لحاظ سان سڀ برابر آهن الله تعالى جو فرمان آهي؛

يَا أَيُّهَا النَّاسُ اتَّقُوا رَبَّكُمُ الَّذِي خَلَقَكُمْ مِنْ نَفْسٍ وَاحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيرًا وَنِسَاءً وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذِي تَسَاءَلُونَ بِهِ وَالْأَرْحَامَ إِنَّ اللَّهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيبًا[37]

ترجمو: اي انسانؤ پنهنجي رب کان ڊڄو جنهن توهان جي پيدائش جي ابتدا هڪ جان مان ڪئي پوءِ ان مان ان جو جوڙو پيدا ڪيو ۽ انهن ٻنهي مان ڪثرت سان مردن ۽ عورتن (جي تخليق) کي ڦيلايو ۽ ڊڄو ان الله کان جنهن جي ذريعي توهان هڪٻئي کان رشتيداري جو سوال ڪندا آهيو بيشڪ الله توهان تي نگهبان آهي

رسول اللهﷺ جو فرمان آهي سڀ ماڻهون آدم uجي اولاد آهن ۽ آدم uکي الله تعالى مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي[38]

چنانچه انهي مساوات جي بناء تي جنهن کي اسلام مقرر ڪيو آهي تمام انسان اسلام جي نظر ۾ برابر آهن اها ئي سڃاڻپ آهي جنهن عمر بن خطابtچوڏنهه سئو سال پهرين رائج ڪيو هو ته توهان ماڻهن کي ڪڏهن کان غلام ٺاهڻ شروع ڪيو آهي جڏهن ته مائرن انهن کي آزاد ڄڻيو آهي.

3؛ هڪ ئي دين جو اثبات

الله تعالى جي طرفان دين پنهنجي عمومي اصولن ۾ آدمuکان وٺي ڪري خاتم الانبياء والمرسلين محمدﷺ تائين هڪ دين آهي چنانچه تمام نبين جو هڪ ئي دين هو اهو هي ته الله وحده لاشريڪ جي ان جي شروع ڪنده طريقي سان عبادت ڪئي وڃي ۽ اهو به ته تمام ڪتب آسماني الله تعالى جي وحي آهن.

الله تعالى جو فرمان آهي؛

شَرَعَ لَكُمْ مِنَ الدِّينِ مَا وَصَّى بِهِ نُوحًا وَالَّذِي أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ وَمَا وَصَّيْنَا بِهِ إِبْرَاهِيمَ وَمُوسَى وَعِيسَى أَنْ أَقِيمُوا الدِّينَ وَلَا تَتَفَرَّقُوا فِيهِ[39]

ترجمو: ان توهان لاءِ دين جو اهو ئي رستو مقرر فرمايو جنهن جو حڪم ان نوحuکي ڏنو ۽ جيڪو دين اسان توهان ڏانهن موڪليو ۽ جنهن جو حڪم اسان ابراهيم موسى ۽ عيسىoکي ڏنو هو (اهو هي آهي ته) توهان (ان) دين تي قائم رهو ۽ ان ۾ اختلاف نه ڪيو.

اهڙي طرح الله تعالى جو فرمان؛

إِنَّا أَوْحَيْنَا إِلَيْكَ كَمَا أَوْحَيْنَا إِلَى نُوحٍ وَالنَّبِيِّينَ مِنْ بَعْدِهِ وَأَوْحَيْنَا إِلَى إِبْرَاهِيمَ وَإِسْمَاعِيلَ وَإِسْحَاقَ وَيَعْقُوبَ وَالْأَسْبَاطِ وَعِيسَى وَأَيُّوبَ وَيُونُسَ وَهَارُونَ وَسُلَيْمَانَ وَآتَيْنَا دَاوُودَ زَبُورًا (163) وَرُسُلًا قَدْ قَصَصْنَاهُمْ عَلَيْكَ مِنْ قَبْلُ وَرُسُلًا لَمْ نَقْصُصْهُمْ عَلَيْكَ وَكَلَّمَ اللَّهُ مُوسَى تَكْلِيمًا (164) رُسُلًا مُبَشِّرِينَ وَمُنْذِرِينَ لِئَلَّا يَكُونَ لِلنَّاسِ عَلَى اللَّهِ حُجَّةٌ بَعْدَ الرُّسُلِ وَكَانَ اللَّهُ عَزِيزًا حَكِيمًا[40]

ترجمو: اي حبيب بيشڪ اسان اوهان ڏانهن (اهڙي ئي) وحي موڪلي جهڙي اسان نوحuڏانهن ۽ ان کان بعد ٻين پيغمبرن ڏانهن موڪلي هئي ۽ اسان ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوبo۽ انهن جي اولاد عيسى ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمانoڏانهن وحي موڪلي ۽ اسان داؤدuکي به زبور عطا ڪئي هئي (اسان ) اهرا رسول موڪليا آهن جن حالات (ان کان پهرين) اوهان کي ٻڌائي ڇڪا آهيون ۽ ڪي اهڙا رسول به (موڪيا آهن) جن جا حالات اسان (اڃا تائين) اوهان کي ناهن ٻڌايا ۽ الله موسى سان بغير واسطي سان ڳالهايو، رسول خوشخبري ٻڌائڻ وارا ڊڄائڻ وارا هئا حتى ڪه (انهن پيغمبرن) جي اچڻ کان پوءِ ماڻهن لاءِ الله وٽ ڪو عذر باقي نه رهي ۽ الله وڏو غالب ۽ حڪمت وارو آهي.

اسلامي شريعت نسلي ۽ قبائلي گروه بندي جي مذمت ڪئي آهي انسان ۾ اندر پيل نفرت ۽ بغض ۽ اختلاف کي اهڙي طرح ختم ڪيو آهي جو رسولن ۽ سابقه آسماني ڪتابن جي تصديق کي ايمان بنيادي رڪن قرار ڏنو آهي الله تعالى جو فرمان آهي؛

قُولُوا آمَنَّا بِاللَّهِ وَمَا أُنْزِلَ إِلَيْنَا وَمَا أُنْزِلَ إِلَى إِبْرَاهِيمَ وَإِسْمَاعِيلَ وَإِسْحَاقَ وَيَعْقُوبَ وَالْأَسْبَاطِ وَمَا أُوتِيَ مُوسَى وَعِيسَى وَمَا أُوتِيَ النَّبِيُّونَ مِنْ رَبِّهِمْ لَا نُفَرِّقُ بَيْنَ أَحَدٍ مِنْهُمْ وَنَحْنُ لَهُ مُسْلِمُونَ[41]

ترجمو: اي مسلمانؤ توهان چئي ڇڏيو ته اسان الله تعالى تي ايمان آندو ۽ انهن جي ڪتابن تي به ۽ جيڪي اسان ڏانهن نازل ڪيا ويا ۽ ان تي به جيڪو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوبo۽ انهن جي اولاد ڏانهن نازل ڪيا ويا ۽ انهن (ڪتابن) تي به جيڪي موسى ۽ عيسىiکي ڏني ويا ۽ اهڙي جيڪي ٻين انبياء کي انهن جي رب جي طرفان موڪيا ويا اسان انهن مان ڪنهن به هڪ ۾ فرق ڪو نه ٿا ڪريون اسان واحد معبو د جا فرمانبردار آهيون.

قرآن مجيد سيدنا موسى کي ان نظر سان ڏسي ٿو اهو الله تعالى جو مقرب ۽ قدرو منزلت وارن مان هو الله تعالى جو فرمان؛

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَكُونُوا كَالَّذِينَ آذَوْا مُوسَى فَبَرَّأَهُ اللَّهُ مِمَّا قَالُوا وَكَانَ عِنْدَ اللَّهِ وَجِيهًا[42]

ترجمو: اي ايمان وارؤ توهان انهن وانگر نه ٿي وڃو جن موسى کي (گستاخانه ڪلمات جي ذريعي) اذيت پهچائي بس الله ان کي انهن ڳالهين کان بي عيب ثابت ڪري ڇڏيو جيڪي هو چوندا هئا ۽ هو (موسى ) الله تعالى وٽ وڏي قدر ۽ منزلت وارو آهي.

اب تي جيڪا تورين نازل ٿي اسلام جي نظر ۾اها هدايت ۽ روشني هئي الله تعالى جو فرمان؛

إِنَّا أَنْزَلْنَا التَّوْرَاةَ فِيهَا هُدًى وَنُورٌ يَحْكُمُ بِهَا النَّبِيُّونَ الَّذِينَ أَسْلَمُوا لِلَّذِينَ هَادُوا وَالرَّبَّانِيُّونَ وَالْأَحْبَارُ بِمَا اسْتُحْفِظُوا مِنْ كِتَابِ اللَّهِ وَكَانُوا عَلَيْهِ شُهَدَاءَ فَلَا تَخْشَوُا النَّاسَ وَاخْشَوْنِ وَلَا تَشْتَرُوا بِآيَاتِي ثَمَنًا قَلِيلًا وَمَنْ لَمْ يَحْكُمْ بِمَا أَنْزَلَ اللَّهُ فَأُولَئِكَ هُمُ الْكَافِرُونَ[43]

ترجمو: بنيشڪ اسان توريت نازل فرمائي جنهن ۾ هدايت ۽ روشني هئي ان جي مطابق انبياء ۽ جيڪي (الله جا) فرمانبردار (ٻانها) هئا يهودين کي حڪم ڏيندا رهيا ۽ الله وارا (يعني انهن جو اولياء) ۽ علماء (به ان جي مطابق فيصله ڪندا رهيا) ان لاءِ جو اهي الله جي ڪتاب جا محافظ بنايا ويا هئا ۽ اهي ان تي نگهبان (گواهه) هئا بس توهان (اقامت دين ۽ احڪام جي نفاذ جي معاملي ۾) ماڻهن کان نه ڊڄو (صرف) مونکان ڊڄندا ڪريو ۽ منهنجي آيتن (يعني احڪامن) جي عوض (دنيا جي) حقير قيمت نه وٺندا ڪريو ۽ جيڪو شخص الله جي نازل ڪيل حڪم جي مطابق فيصلو (حڪومت) نه ڪري اهو ئي ماڻهنو ڪافر آهي.

موسى جي قوم بني اسرائيل هڪ معزز قوم هئي جنهن کي ان وقت تمام قومن تي فضيلت حاصل هئي الله تعالى جو فرمان؛

يَا بَنِي إِسْرَائِيلَ اذْكُرُوا نِعْمَتِيَ الَّتِي أَنْعَمْتُ عَلَيْكُمْ وَأَنِّي فَضَّلْتُكُمْ عَلَى الْعَالَمِينَ[44]

ترجمو: اي اولاد يعقوب! منهنجي انهن نعمتن کي ياد ڪريو جيڪي مون توهان تي انعام ڪيون (خصوصًا) اهو ته مون توهان کي زماني ۾ تمام ماڻهن تي فضيلت عطا ڪئي.

اهڙي طرح قرآن مجيد سيدنا عيسى کي ان نظر سان ڏسي ٿو ته هو هڪ معزز نبي هو ۽ الله جو ڪلمو هو جيڪو ان مريم ڏانهن القاء ڪيو هو الله تعالى جو فرمان؛

إِذْ قَالَتِ الْمَلَائِكَةُ يَا مَرْيَمُ إِنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكِ بِكَلِمَةٍ مِنْهُ اسْمُهُ الْمَسِيحُ عِيسَى ابْنُ مَرْيَمَ وَجِيهًا فِي الدُّنْيَا وَالْآخِرَةِ وَمِنَ الْمُقَرَّبِينَ (45) 

وَيُكَلِّمُ النَّاسَ فِي الْمَهْدِ وَكَهْلًا وَمِنَ الصَّالِحِينَ[45]

ترجمو: جڏهن فرشتن چيو اي مريم! بيشڪ الله توکي پاڻ وٽان هڪ ڪلمي (خاص) جي بشارت ڏي ٿو جنهن جو نالو مسيح عيسى بن مريم هوندو اهو دنيا ۽ آخرت ۾ منزلت وارو هوندو ۽ الله جي خاص مقرن ٻانهن مان هوندو ۽ جيڪو ماءُ جي هنج (يا پينگهي يا تنجڻ) ۾ ڳالهائيندو ۽ وڏي عمر ۾ به صالحن مان هوندو. ۽ ان جي ماءُ مريم کي صديقه جي نظر سان ڏٺو ويو آهي الله تعالى جو فرمان؛

مَا الْمَسِيحُ ابْنُ مَرْيَمَ إِلَّا رَسُولٌ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِ الرُّسُلُ وَأُمُّهُ صِدِّيقَةٌ كَانَا يَأْكُلَانِ الطَّعَامَ انْظُرْ كَيْفَ نُبَيِّنُ لَهُمُ الْآيَاتِ ثُمَّ انْظُرْ أَنَّى يُؤْفَكُونَ[46]

ترجمو: مريم جو پٽ مسيح سواءِ هڪ رسول جي ٻيو ڪجهه نه آهي يقينًا ان کان اڳ ٻيا ڪيترا رسول گذري چڪا آهن ۽ سندس والده هڪ سچي ٻانهي هئي اهي ٻئي (ٻين انسانن وانگر) طعام کائيندا (پيئندا) هئا ۽ (اي محمد) ڏس ته اسان انهن لاءِ ڪيئن نه نشانيو بيان ڪريون ٿا پوءِ به هو ڪيڏانهن ڪيڏانهن ابتا ڦيرايا (۽ ڀٽڪايا) وڃن ٿا.

توريت وانگر انجيل به قرآن جي نظر ۾ هدايت ۽ نور هئي الله تعالى جو فرمان؛

وَقَفَّيْنَا عَلَى آثَارِهِمْ بِعِيسَى ابْنِ مَرْيَمَ مُصَدِّقًا لِمَا بَيْنَ يَدَيْهِ مِنَ التَّوْرَاةِ وَآتَيْنَاهُ الْإِنْجِيلَ فِيهِ هُدًى وَنُورٌ وَمُصَدِّقًا لِمَا بَيْنَ يَدَيْهِ مِنَ التَّوْرَاةِ وَهُدًى وَمَوْعِظَةً لِلْمُتَّقِينَ[47]

ترجمو: ۽ انهن (نبين) جي طريقي (۽ نقش قدم) تي اسان عيسى بن مريم کي موڪليو جيڪو کائن اڳ آيل ڪتاب توريت جي تصديق ڪندڙ هو اسان کيس انجيل عطا فرمايو جنهن ۾ هدايت ۽ نور هو ۽ تورين جيڪو کائنس اڳ هو (ان جي) تصديق (سچو) ڪندڙ هو ۽ پرهيزگارن لاءِ هدايت ۽ نور هو اسلام جي نظر ۾ عيسى جو پيروڪار ۽ ان تي ايمان آڻڻ وارا اهي به رحمت ۽ شفقت ڪرڻ واري امت آهن الله تعالى جو فرمان؛

ثُمَّ قَفَّيْنَا عَلَى آثَارِهِمْ بِرُسُلِنَا وَقَفَّيْنَا بِعِيسَى ابْنِ مَرْيَمَ وَآتَيْنَاهُ الْإِنْجِيلَ وَجَعَلْنَا فِي قُلُوبِ الَّذِينَ اتَّبَعُوهُ رَأْفَةً وَرَحْمَةً وَرَهْبَانِيَّةً ابْتَدَعُوهَا مَا كَتَبْنَاهَا عَلَيْهِمْ إِلَّا ابْتِغَاءَ رِضْوَانِ اللَّهِ فَمَا رَعَوْهَا حَقَّ رِعَايَتِهَا فَآتَيْنَا الَّذِينَ آمَنُوا مِنْهُمْ أَجْرَهُمْ وَكَثِيرٌ مِنْهُمْ فَاسِقُونَ[48]

ترجمو: پوءِ اسان ان رسولن جي نقش قدم تي (ٻيا) رسول موڪليا ۽ اسان ان جي پويان عيسى بن مريم کي موڪليو ۽ اسان ان کي انجيل عطا ڪئي ۽ اسان انهن ماڻهن جي دلين ۾ جيڪي ان جي (يعني عيسى جي صحيح) پيروي ڪري رهيا هئا شفقت ۽ رحمت پيدا ڪئي. ۽ رهبانيت (يعني عبادت انهي لاءِ دنيا ۽ ان جي لذتن کي ڇڏي ڏيڻ) جي بدعت انهن پاڻ ايجاد ڪئي اها اسان انهن تي فرض ڪا نه ڪئي هئي مگر (انهن رهبانيت جي بدعت) صرف الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ شروع ڪئي پوءِ ان جو حق ادا ڪو نه ڪيائون جيئن انهي جو پورو پورو حق هو پوءِ انهن مان جن ايمان آندو انهن کي تن جو اجر ڏنوسون ۽ انهن مان گهڻا فاسق هئا.

هر مسلماب تي واجب آهي ته هر نبي ۽ رسول تي ايمان آڻي ۽ انهن ڏانهن جيڪي ڪتابون نازل ڪيون ويون انهن جي تصديق ڪري الله تعالى جو فرمان آهي؛

إِنَّ الَّذِينَ يَكْفُرُونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُرِيدُونَ أَنْ يُفَرِّقُوا بَيْنَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقُولُونَ نُؤْمِنُ بِبَعْضٍ وَنَكْفُرُ بِبَعْضٍ وَيُرِيدُونَ أَنْ يَتَّخِذُوا بَيْنَ ذَلِكَ سَبِيلًا (150) أُولَئِكَ هُمُ الْكَافِرُونَ حَقًّا وَأَعْتَدْنَا لِلْكَافِرِينَ عَذَابًا مُهِينًا[49]

ترجمو: بيشڪ جيڪي ماڻهون الله ۽ ان جي رسولن جو ڪفر ڪن ٿا۽ چاهين ٿا الله ۽ ان جي رسولن ۾ تفريق وجهن ۽ چون ٿا ته ڪن رسولن کي اسان مڃيون ٿا ۽ ڪن جو انڪار ڪيون ٿا ۽ چاهين ٿا ته ان جي (ڪفر ۽ ايمان جي) وچان ڪو ٻيو رستو اختيار ڪن اهڙا ئي ماڻهون پڪا ڪافر آهن اسان ڪافرن تي خوار ڪندڙ عذاب نازل ڪري ڇڏيو آهي.

اهڙي طرح هر مسلمان تي واجب آهي سڀني شريعتن جو ادب ۽ احترام ڪن ۽ جن ماڻهن رسول اللهﷺ جي بعثت کان پهرين ان تي ايمان آندو انهن سان محبت ڪن ۽ انهن کي پنهنجو ڀاءُ تصور ڪن الله تعالى جو فرمان آهي؛

ترجمو: ۽ اي الله اسان کي بخش ۽ اسان جي ان ڀائرن کي جن اسان کان پهرين ايمان آندو.

رسول اللهﷺ کان پوءِ انبياء جو سلسلو ختم ٿي ويو ۽ آسمان مان وحي منقطع ٿي وئي. الله تعالى جو فرمان؛

مَا كَانَ مُحَمَّدٌ أَبَا أَحَدٍ مِنْ رِجَالِكُمْ وَلَكِنْ رَسُولَ اللَّهِ وَخَاتَمَ النَّبِيِّينَ[50]

ترجمو: محمد(ﷺ) توهان مردن مان ڪنهن جو پيءُ ناهي بلڪه الله جو رسول ۽ خاتم النبيين (يعني آخري نبي ۽ رسول) آهي ۽ الله هر شيءِ چڳي طرح ڄاڻندڙ آهي.

پاڻ تي جيڪا شريعت نازل ٿي انهي پهري سڀني شريعتن کي منسوخ ڪري ڇڏيو ان نسخ جو اهو تقاضو آهي پاڻﷺ جي شريعت تي ايمان آندو وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي پهرين شريعتن کي ڇڏيو وڃي نسخ جي معنى اها ناهي ته انهن جي تڪذيب ڪئي وڃي بلڪه انهن تي اعمل کان بغير ايمان رکيو وڃي. الله تعالى جو فرمان؛

ترجمول ۽ جيڪو دين اسلام کان علاوه ٻيو ڪو دين پسند ڪندو اهو ان کان هرگز قبول نه ڪيو ويندو ۽ اهو آخرت خساري (نقصان) وارن مان هوندو.

اسلامي شريعت جو ٻين آسماني شريعتن جي مڃڻ وارن کان اهو ئي مطالبو آهي اهري طرح ايمان آڻين جهڙي طرح سڀني اهل ايمان اسلام ايمان آندو.

سڀ انبياء ۽ رسول جيڪي الله تعالى جي طرفان موڪليا ويا انهن جي تصديق ڪئي ويندي اهڙي طرح انهن تمام ڪتابن تي جيڪي انهن ڏانهن موڪليا ويا. الله تعالى جو فرمان آهي؛

فَإِنْ آمَنُوا بِمِثْلِ مَا آمَنْتُمْ بِهِ فَقَدِ اهْتَدَوْا وَإِنْ تَوَلَّوْا فَإِنَّمَا هُمْ فِي شِقَاقٍ فَسَيَكْفِيكَهُمُ اللَّهُ وَهُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ[51]

ترجمو: پوءِ جيڪڏهن اهي ان تي اهڙي طرح ايمان آڻين جيئن توهان ايمان آندو آهي ته پوءِ بيشڪ اهي هدايت وارا ٿي ويندا ۽ جيڪڏهن اڃان به منهن موڙين ته پوءِ هو رڳو ضد ۾ پوجي ويا آهن ۽ (اي محمد) تنهنجو رب انهن (جي مقابلي ۾ ۽ سندن شر) کان تو لاءِ ڪافي ٿيندو ۽ تحقيق اهو ئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ آهي.

اگر ڪو فرق ڪري ٿو ته شريعت اسلامي اهڙي هر مخالف ۽ ضدي کان بري آهي. الله تعالى جو فرمان آهي؛

إِنَّ الَّذِينَ فَرَّقُوا دِينَهُمْ وَكَانُوا شِيَعًا لَسْتَ مِنْهُمْ فِي شَيْءٍ إِنَّمَا أَمْرُهُمْ إِلَى اللَّهِ ثُمَّ يُنَبِّئُهُمْ بِمَا كَانُوا يَفْعَلُونَ (159) مَنْ جَاءَ بِالْحَسَنَةِ فَلَهُ عَشْرُ أَمْثَالِهَا وَمَنْ جَاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلَا يُجْزَى إِلَّا مِثْلَهَا وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ (160) قُلْ إِنَّنِي هَدَانِي رَبِّي إِلَى صِرَاطٍ مُسْتَقِيمٍ دِينًا قِيَمًا مِلَّةَ إِبْرَاهِيمَ حَنِيفًا وَمَا كَانَ مِنَ الْمُشْرِكِينَ[52]

ترجمو: بيشڪ جن پنهنجي دين ۾ تفرقو وڌو (يعني دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو) ۽ ٽولا ٽولا ٿي ويا انهن سان تنهنجو (اي محمد) ڪو به واسطو ناهي بيشڪ انهن جو معاملو الله تعالى جي حوالي آهي پوءِ جيڪڏهن هو ڪجهه ڪندا رهيا آهن اهو انهن کي ان ڪمن کان آگاهه ڪندوجيڪو هڪ نيڪي کڻي ايندو ان کي ان جهڙيون ڏهه نيڪيون ملنديون ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ايندو ان کي ان جي سزا ملندي ۽ سندن ظلم نه ڪيو ويندو. (اي پيغمبر) تون چؤ ته بيشڪ منهنجي رب مونکي سڌي راهه ڏانهن هدايت نصيب ڪئي آهي جيڪو صحيح ۽ اعلى دين آهي، اهو ئي ابراهيم جو طريقو آهي ۽ اهو يڪ سو هڪ طرفو هو ۽ هرگز مشرڪن مان نه هو.

شريعت اسلامي ٻين مذهبن جي پيروڪارن کي دعوت ڏيڻ لاءِ جنهن منهج تي هلي ٿي اهو با مقصد گفتگو زباني طريقي جي مطابق مناظرو جيڪو ماڻهن کي ملائڻ وارو هجي جو منهج آهي اهڙي ماڻهو جي اخلاق فاضله جو جنهن الله تعالى حڪم ڏنو آهي ان جي دعوت ڏي ٿو الله تعالى جو فرمان آهي؛

قُلْ يَا أَهْلَ الْكِتَابِ تَعَالَوْا إِلَى كَلِمَةٍ سَوَاءٍ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ أَلَّا نَعْبُدَ إِلَّا اللَّهَ وَلَا نُشْرِكَ بِهِ شَيْئًا وَلَا يَتَّخِذَ بَعْضُنَا بَعْضًا أَرْبَابًا مِنْ دُونِ اللَّهِ فَإِنْ تَوَلَّوْا فَقُولُوا اشْهَدُوا بِأَنَّا مُسْلِمُونَ[53]

ترجمو: (اي محمد) تون چؤ ته اي اهل ڪتاب اچو ته (پاڻ ۾) هڪ اهڙي ڳالهه تي متفق ٿيون جيڪا اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ مشترڪ (هڪجهڙي) آهي(اها هي ته) اسان الله کانسواءِ ڪنهن جي عبادت ڪو نه ڪنداسين ۽ ان سان ڪنهن کي شريڪ ڪو نه ڪنداسين ۽ اسان مان الله کانسواءِ ڪير ڪنهن کي رب نه بڻائي پوءِ جيڪڏهن ڦري وڃن ته توهان کين چئي ڇڏجو گواهه رهجو اسان مسلمان (تابع) آهيون.

اهڙي مخالفن جي جزبات جو احترام ڪيو وڃي انهن جي دين ۽ مذهب کي گاريون ڏئي ڪري مجروح نه ڪيو وڃي الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَلَا تَسُبُّوا الَّذِينَ يَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدْوًا بِغَيْرِ عِلْمٍ[54]

ترجمو: ۽ (اي مسلمانو) توهان انهن (ڪوڙن معبودن) کي گاريون نه ڏيو جن کي هي (مشرڪ) الله کان علاوه پوڄين ٿا پوءِ اهي ماڻهون (جوابًا) جهالت ۽ دشمني جي بنياد تي حقيقي الله کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا.

اسلام پنهنجي پيروڪارن حڪم ڏنو آهي سٺي طريقي سان مخالفن سان مناظرو ڪيو وڃي الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَلَا تُجَادِلُوا أَهْلَ الْكِتَابِ إِلَّا بِالَّتِي هِيَ أَحْسَنُ إِلَّا الَّذِينَ ظَلَمُوا مِنْهُمْ وَقُولُوا آمَنَّا بِالَّذِي أُنْزِلَ إِلَيْنَا وَأُنْزِلَ إِلَيْكُمْ وَإِلَهُنَا وَإِلَهُكُمْ وَاحِدٌ وَنَحْنُ لَهُ مُسْلِمُونَ[55]

ترجمو: ۽ (اي مومنو) اهل ڪتاب سان جهڳڙو نه ڪريو مگر اهڙي طريقي سان جيڪو بهتر هجي علاوه انهن ماڻهن جي جن انهن سان ظلم ڪيو ۽ (انهن کي) چئو ته اسان (ان ڪتاب) تي ايمان آندو آهي جيڪا اسان ڏانهن نازل ڪئي وئي آهي ۽ اسان جو معبود ۽ اوهان جو معبود هڪ آهي ۽ اسان ان جا فرمانبردار آهيون.

ماڻهن کي دين اسلام آڻڻ تي مجبور ڪرڻ اسلامي منهج ناهي جيئن ته الله تعالى فرمايو؛

لَا إِكْرَاهَ فِي الدِّينِ قَدْ تَبَيَّنَ الرُّشْدُ مِنَ الْغَيِّ[56]

ترجمو: دين اسلام ۾ ڪا زبردستي ناهي بيشڪ هدايت گمراهي کان واضح طور تور تي ممتاز ٿي چڪي آهي.

اسلام جو منهج هي آهي ته غير مسلمان تائين دين اسلام بغير ڪنهن زبردستي پهچايو وڃي انهن کي اسلام هداية الدلالة (رهنمائي جي هدايت) چيو وڃي ٿو جيسيتائين هداية التوفيق (اسلام قبول ڪرڻ جي توفيق) جو تعلق آهي اهو الله تعالى جي اختيار ۾ آهي الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَقُلِ الْحَقُّ مِنْ رَبِّكُمْ فَمَنْ شَاءَ فَلْيُؤْمِنْ وَمَنْ شَاءَ فَلْيَكْفُرْ إِنَّا أَعْتَدْنَا لِلظَّالِمِينَ نَارًا أَحَاطَ بِهِمْ سُرَادِقُهَا وَإِنْ يَسْتَغِيثُوا يُغَاثُوا بِمَاءٍ كَالْمُهْلِ يَشْوِي الْوُجُوهَ بِئْسَ الشَّرَابُ وَسَاءَتْ مُرْتَفَقًا[57]

ترجمو: ۽ چئي ڇڏ ته حق توهان جي رب جي طرفان آهي چاهي توهان ان تي ايمان آڻيو يا ان چاهي ڪفر ڪيو بيشڪ اسان ظالمن لاءِ (دوزخ جي) باهه تيار ڪري رکي آهي جنهن جون (ديوارون) ڀتون انهن کي گهيري وڪوڙي وينديون ۽ اگر هو (اڄ جي تڪليف جي ڪري) فرياد ڪندا ته انهن جي فرياد اهڙي پاڻ سان پوري ڪئي ويندي جيڪو پگهريل ٽامي وانگر هوندو جيڪو سندن منهن ڀڃي ڇڏيندو ۽ ڪهڙو نه بڇڙو پاڻي هوندو ۽ ڪهڙي نه بڇڙي آرامگاهه آهي.

اسلام هر معاملي ۾ عدل جو حڪم ڏنو ايسيتائين جو چاهي مخالف ڇو نه هجن الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَأُمِرْتُ لِأَعْدِلَ بَيْنَكُمُ اللَّهُ رَبُّنَا وَرَبُّكُمْ لَنَا أَعْمَالُنَا وَلَكُمْ أَعْمَالُكُمْ لَا حُجَّةَ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمُ اللَّهُ يَجْمَعُ بَيْنَنَا وَإِلَيْهِ الْمَصِيرُ‌[58]

ترجمو: ۽ مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون توهان جي درميان عدل ۽ انصاف ڪريان الله اسان جو (به) رب آهي ۽ توهان جو (به) رب آهي اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ توهان لاءِ توهان جا عمل اسان ۽ توهان جي وچ ۾ ڪو بحث ۽ تڪرار ناهي الله اسان سڀني کي جمع ڪندو ۽ انهي ڏانهن سڀني جو موٽڻ آهي.

4؛اسلام پاڻ ۾ نفع بخش تعاون جو شوق ڏياريو آهي جيڪو عمومي خير ۽ ڀلائي جو سرچشمو هجي ۽ اهو ڪم ڪم ڪرڻ جو شوق ڏياريو آهي جنهن ۾ انساني معاشري جو فائدو هجي. الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَتَعَاوَنُوا عَلَى الْبِرِّ وَالتَّقْوَى وَلَا تَعَاوَنُوا عَلَى الْإِثْمِ وَالْعُدْوَانِ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ[59]

ترجمو: ۽ نيڪي ۽ پرهيزگاري جي ڪمن ۾ هڪٻئي سان تعاون (مدد) ڪندا ڪريو ۽ گناهه ۽ ظلم جي ڪمن ۾ هڪٻئي جي مدد نه ڪريو ۽ الله کان ڊڄندا رهو بيشڪ الله تعالى (نافرماني ڪرڻ وارن کي) سخت سزا ڏيڻ وارو آهي.

ابن عمر کان روايت آهي ته هڪ شخص رسول اللهﷺ وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو اي الله جا رسولﷺ ڪهرو عمل ۽ ڪهڙو شخص الله تعالى سڀ کان وڌيڪ محبوب آهي؟ رسول اللهﷺ جن فرمايو الله تعالى وٽ ماڻهن مان سڀ کان وڌيڪ محبوب اهو آهي جيڪو ماڻهن لاءِ فائديمند هجي ۽ الله تعالى وٽ سڀ وڌيڪ محبوب عمل اهو آهي ته ڪنهن مسلمان تي خوشي آندي وڃي يا ان کان ڪا مصيبت پري ڪئي وڃي يا ان جو قرض ادا ڪيو وڃي يا ان جي بک ختم ڪئي وڃي ۽ اگر آئون ڪنهن ڀاء جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ان سان گڏ وڃان اهو مونکي هن مسجد ۾ اعتڪاف ڪرن کان وڌيڪ پسند آهي ۽ جنهن پنهنجي ڪاوڙ روڪي ڇڏي الله تعالى ان جي عيبن تي پردو وجهي ڇڏيندو ۽ جنهن پنهنجو غضب روڪي ڇڏيو باوجود ان جي جو اگر ان کي نافذ ڪرڻ چاهي ها ته ڪري سگهيو ٿي ته الله تعالى قيامت واري ڏينهن ان جي دل کي اميدن سان ڀري ڇڏيندو ۽ جيڪو پنهنجي ڀاء جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هليو ته الله هن کي ان ڏينهن ثابت قدمي عطا ڪندو جنهن ڏينهن قدم ڏڪندا هوندا ۽ بد اخلاقي عمل کي ائين بگاڙي ٿي جيئن سرڪو شهد کي بگاڙي ٿو ان مقصد کا حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام ڪجه رستا مقرر ڪيا آهن اهي هيءَ آهن:

1:اسلام اهو شوق ڏياريو آهي ته مختلف قومن جي مابين (وچ ۾) باهمي مناصب طرز زندگي ۽ پاڻ ۾ تعارف جي دعوت عام ڪئي وڃي هي اهو رباني منهج آهي جيڪو توحيد رسولن ۽ ڪتابن جي اعتراف تي مبني آهي الله تعالى جو فرمان آهي؛

يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكُمْ مِنْ ذَكَرٍ وَأُنْثَى وَجَعَلْنَاكُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ[60]

ترجمو: اي انسانؤ اسان توهان کي هڪ مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو ۽ اسان توهان کي (وڏين وڏين) قومن ۽ قبيلن ۾ (تقسيم) ڪيو تاڪه توهان هڪٻئي کي سڃاڻي سگهو بيشڪ الله وٽ توهان مان گهڻو عزت وارو (شرف وارو) اهو آهي جيڪو زياده متقي ۽ پتهيز گار هوندو بيشڪ الله تعالى سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ پوري خبر رکندڙ آهي.

2: اسلام اهو شوق ڏياريو آهي ته سڀني انسانن سان خيرخواهي ڪئي وڃي.

ابو هريرهtکان روايت آهي ته رسول اللهﷺ جن فرمايو ڪهڙو ماڻهو آهي جيڪو مونکان ڳالهين کي سکي ۽ پوءِ انهن تي عمل ڪري يا انهن ماڻهو کي سيکاري جيڪو انهن تي عمل ڪرڻ وارو هجي ابوهريره فرمائي ٿو ته مون عرض ڪيو ته اي الله جا رسولﷺ اهو آئون آهيان رسول اللهﷺ اهو ٻڌي ڪري منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ پنج ڳالهيون ڳڻايائين (شمار ڪرايائون) ۽ ائين فرمايائين ته (1) تون انهن شين کان ڀڄ جن کي شريعت حرام قرار ڏنو آهي اگر تون انهن کان بچندي ته تون ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ عبادتگذار بنجي ويندي (2) تون انهن شين تي راضي ۽ شڪر گذار رهه جن کي الله تعالى تنهنجي قسمت ۾ لکي ڇڏيو آهي اگر تون تقدير انهي تي راضي ۽ مطمئن رهندي ته تنهنجو شمار اغنياء ۾ ٿي ويندو (يعني ماڻهون جڏهن پنهنجي قسمت تي راضي ۽ مطمئن ٿي ويندو آهي ۽ طمع ۽ حرص کان پاڪ ٿي ويندو آهيته زيادي طلبي جو محتاج ناهي رهندو۽ مستغني ۽ بي نيازي واري زندگي گذاريندو آهي اغنياء جي اصل مفهوم به آهي) (3) تون پنهنجي پاڙيسري سان سٺو سلوڪ ڪر (اگرچه هو توسان برو سلوڪ ڪري) اگر تون ائين ڪندي ته ڪامل مومن سمجهيو ويندي ۽ تون زياده کلندو نه ڪر ڇو جو گهڻو کلڻ دل کي مردار (الله جي ياد کان غافل) بنائي ڇڏيندو (4) تون ماڻهن لاءِ اهو پسند ڪر جيڪو تون پنهنجي لاءِ پسند ڪرين ٿو ته تون مطيع ۽ فرمانبردار ٿي ويندي.[61]

3: اسلام اهو شوق ڏياريو آهي ته تمام ماڻهن سان خير خواهي ڪئي وڃي پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو دين خير خواهي آهي اسان پڇيو ته ڪنهن جي لاءِ پاڻﷺ فرمايو الله جي لاءِ ان جي ڪتاب لاءِ ان جي رسول لاءِ مسلمانن جي حڪمرانن لاءِ ۽ عام ماڻهن لاءِ.[62]

4: اسلام اها رغبت ڏياري آهي ته نيڪي جو حڪم ڏنو وڃي ۽ بڇڙائي کان روڪيو وڃي هر ماڻهو پنهنجي قدرت ۽ امڪانات جي حساب سان تمام طرق وسيلن جي ذريعي (اهو ڪم ڪري) اها ئي امن امان جي بنياد آهي جنهن جي ذريعي امت ظلم، انتشار، فساد، حقن جي ضياع ۽ جنگن جي قانونن کي محفوظ رکي ٿي نيڪي جو حڪم ڪرڻ ۽ برائي جي ڪمن کان روڪڻ جي ذريعي جاهل کي تعليم ڏني ويندي آهي غافل کي تنبيه آگاهه ڪيو وڃي ٿو گنهگار جي اصلاح ٿئي ٿي ۽ سڌي رستي تي هلڻ واري جي مدد ٿئي ٿي الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَلْتَكُنْ مِنْكُمْ أُمَّةٌ يَدْعُونَ إِلَى الْخَيْرِ وَيَأْمُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَيَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ وَأُولَئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ[63]

ترجمو: توهان مان هڪ جماعت اهڙي ضرور هجي جيڪا ماڻهن کي نيڪي ڏانهن سڏي ۽ ڀلائي جو حڪم ڏئي ۽ بڇڙائي کان روڪي ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.

رسول اللهﷺ جن جو فرمان آهي توهان مان جيڪو شخص برائي ڏسي ان کي کپي هٿ سان روڪي (اگر هٿ سان روڪڻ جي) طاقت ناهي ته زبان سان (روڪي) بس اگر ان جي (به) طاقت ناهي ته دل سان (ان کي برو سمجهي) اهو ڪمزور ترين ايمان آهي.[64]

5:دين اسلام علم سکڻ ۽ سيکارڻ جي ترغيب ڏياري آهي الله تعالى جو فرمان آهي؛

هَلْ يَسْتَوِي الَّذِينَ يَعْلَمُونَ وَالَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ[65]

ترجمو: (اي محمد) چؤ ته ڇا جيڪي ماڻهون علم رکن ٿا ۽ جيڪي علم نٿا رکن اهي برابر ٿي سگهن ٿا.

رسول اللهﷺ جو فرمان آهي علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي.[66]

6:اسلام ان شيءِ جي رغبت ڏياري آهي ته ماحول ۽ جيڪو ڪجهه ان ۾ آهي ان جي حفاظت ڪئي وڃي پاڻﷺ جن جا فرمان ۽ تعليمات وڏي سختي سان ڊيڄارين ٿا ته اها شيءِ جنهن ۾ انسانن جو فائدو هجي ان کي ضايع نه ڪيو وڃي ان لاءِ جو ڪائنات ۾ موجود هر شيءِ تمام انسانن جي ملڪيت آهي ڪنهن هڪ قوم لاءِ خاص ڪونهي چنانچه اسلام انهن سڀني ڪمن کان منع ڪيو آهي جنهن ۾ زميني ماحول کي نقصان جو انديشو هجي الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَلَا تُفْسِدُوا فِي الْأَرْضِ بَعْدَ إِصْلَاحِهَا وَادْعُوهُ خَوْفًا وَطَمَعًا إِنَّ رَحْمَتَ اللَّهِ قَرِيبٌ مِنَ الْمُحْسِنِينَ[67]

ترجمو: ۽ زمين جي سڌرڻ (يعني ملڪي ماحول حيات درست ٿي وڃڻ) کان پوءِ فساد نه ڪريو ۽ (ان جي عذاب کان ) ڊڄندي ۽ (ان جي رحمت جي) اميد رکندي ان کان دعا ڪندا رهو بيشڪ الله جي رحمت نيڪو ڪارن جي ويجهو هوندي آهي، الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَإِذَا تَوَلَّى سَعَى فِي الْأَرْضِ لِيُفْسِدَ فِيهَا وَيُهْلِكَ الْحَرْثَ وَالنَّسْلَ وَاللَّهُ لَا يُحِبُّ الْفَسَادَ (205) وَإِذَا قِيلَ لَهُ اتَّقِ اللَّهَ أَخَذَتْهُ الْعِزَّةُ بِالْإِثْمِ فَحَسْبُهُ جَهَنَّمُ وَلَبِئْسَ الْمِهَادُ[68]

ترجمو: ۽ جڏهن هو (تو کان) پٺ ڦيريندو ۽ زمين ۾ (هر ممڪن) ڪوشش ڪندو آهي ته ان ۾ فساد ڪري ۽ ٻنيون ۽ جانيون تباهه ڪري ۽ الله فساد ڪرڻ کي پسند نه ٿو ڪري ۽ جڏهن هن کي (ظلم ۽ فساد تي) چيو وڃي ته الله کان ڊڄ ته ان جو غرور ان کي وڌيڪ ڀڙڪائيندو آهي بس ان لاءِ جنهم ڪافي آهي يقينًا اها بڇڙي جڳهه آهي.

7:اسلام اها دعوت ڏني آهي ته زمين ۾ محنت ڪئي وڃي ۽ جيڪو ڪجهه ان ۾ آهي ان کي عام مصلحت خاطر مسخر ڪيو وڃي الله تعالى جو فرمان آهي؛

هُوَ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ الْأَرْضَ ذَلُولًا فَامْشُوا فِي مَنَاكِبِهَا وَكُلُوا مِنْ رِزْقِهِ وَإِلَيْهِ النُّشُورُ[69]

ترجمو: اهو (الله) آهي جنهن توهان لاءِ زمين کي نرم ۽ مسخر (تابع) ڪيو ته توهان ان جي رستي تي هلو ۽ ان جي ڏنل رزق مان کايو ۽ ان جي طرف (مرن کانپوءِ) موٽڻو آهي.

8: اسلام اها به دعوت ڏني آهي ته منشيات جي خلاف جنگ ڪئي وڃي الله تعالا جو فرمان آهي؛

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِنَّمَا الْخَمْرُ وَالْمَيْسِرُ وَالْأَنْصَابُ وَالْأَزْلَامُ رِجْسٌ مِنْ عَمَلِ الشَّيْطَانِ فَاجْتَنِبُوهُ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ[70]

ترجمو: اي ايمان وارؤ! بيشڪ شراب، جوا ۽ (عبادت لاءِ9 نصب ڪيل بت ۽ (قسمت معلوم ڪرڻ لاءِ) ڪڻي (قرعدازي) جا تير (سڀ) ناپاڪ ۽ شيطاني ڪم آهن سو توهان انهن کان (مڪمل) پرهيز ڪريو تانجو توهان ڪامياب ٿيو.

9: اسلام اها به دعوت ڏني آهي عزتن ۽ مالن جي هفاظت ڪئي وڃي الله تعالى جو فرمان؛

وَلَا تَقْرَبُوا الزِّنَا إِنَّهُ كَانَ فَاحِشَةً وَسَاءَ سَبِيلًا[71]

ترجمو: توهان زنا (بدڪاري) جي ويجهو به نه وڃو بيشڪ اهو بي حيائي جو ڪم ۽ بڇڙائي وارو رستو آهي.

الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَالَّذِينَ يَرْمُونَ الْمُحْصَنَاتِ ثُمَّ لَمْ يَأْتُوا بِأَرْبَعَةِ شُهَدَاءَ فَاجْلِدُوهُمْ ثَمَانِينَ جَلْدَةً وَلَا تَقْبَلُوا لَهُمْ شَهَادَةً أَبَدًا وَأُولَئِكَ هُمُ الْفَاسِقُونَ[72]

ترجمو: ۽ جيڪي ماڻهون پاڪدامن عورتن تي (بدڪاري جي) تهمت هڻن پوءِ ان جا گواهه پيش نه ڪري سگهن ته توهان انهن کي (سزا جي قذف جي طور) اسي ڪوڙا هڻو ۽ ڪڏهن به انهن جي گواهي قبول نه ڪريو ۽ اهي ئي ماڻهون بدڪار آهن ۽ جيڪي ماڻهن ۾ فاحشات کي ڦيلائڻ کي پسند ڪن ٿا انهن لاءِ دردناڪ عذاب جي ڌمڪي ڏني آهي ته پوءِ اندازو ڪريو جيڪي فاحشات جا رستا هموار ڪن ۽ ان جا مدد گار آهن انهن جو ڇا انجام ٿيندو الله تعالى جو فرمان آهي؛

إِنَّ الَّذِينَ يُحِبُّونَ أَنْ تَشِيعَ الْفَاحِشَةُ فِي الَّذِينَ آمَنُوا لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ فِي الدُّنْيَا وَالْآخِرَةِ وَاللَّهُ يَعْلَمُ وَأَنْتُمْ لَا تَعْلَمُونَ[73]

ترجمو: بيشڪ جيڪي ماڻهون ان ڳالهه کي پسند ڪن ٿا ته مسلمانن ۾ بي حيائي ڦيلجي انهن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي ۽ الله تعالى انهن ماڻهن (جي ارادن) کي ڄاڻي ٿو توهان نٿا ڄاڻو.

الله تعالى جو مالن متعلق فرمان آهي؛

وَلَا تَأْكُلُوا أَمْوَالَكُمْ بَيْنَكُمْ بِالْبَاطِلِ[74]

ترجمو: ۽ توهان هڪٻئي جا مال پاڻ ۾ ناحق نه کائيندا ڪريو.

 ۽ فرمايائين؛

وَأَوْفُوا الْكَيْلَ إِذَا كِلْتُمْ وَزِنُوا بِالْقِسْطَاسِ الْمُسْتَقِيمِ ذَلِكَ خَيْرٌ وَأَحْسَنُ تَأْوِيلًا[75]

ترجمو:  ۽ ماپ پوري رکو جڏهن به توهان ڪا شيءِ ماپيو ۽ جڏهن (تورڻ لڳو) سڌي سائمي سان توريندا ڪريو اها (ديانيتداري) بهتر آهي ۽ انجام جي اعتبار سان به سٺي آهي.

الله تعالى جو فرمان آهي؛

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَذَرُوا مَا بَقِيَ مِنَ الرِّبَا إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ (278) فَإِنْ لَمْ تَفْعَلُوا فَأْذَنُوا بِحَرْبٍ مِنَ اللَّهِ وَرَسُولِهِ وَإِنْ تُبْتُمْ فَلَكُمْ رُءُوسُ أَمْوَالِكُمْ لَا تَظْلِمُونَ وَلَا تُظْلَمُونَ[76]

ترجمو:اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جيڪو ڪجهه سود مان رهجي ويو آهي ان کي ڇڏي ڏيو اگر توهان (سچي دل سان) ايمان رکو ٿا پوءِ اگر توهان ائين نه ڪيو ته الله ۽ ان جي رسول جي طرفان جنگ لاءِ تيار ٿي وڃو ۽ اگر توهان توبه ڪريو ته توهان لاءِ توهان جو اصل مال جائز آهي نه توهان پان ظلم ڪريو ۽ نه ئي توهان تي ظلم ڪيو وڃي.

10: اسلام اها دعوت ڏني آهي اهي ڪم ڪيا وڃن جنهن ۾ عام مصلحت هجي ۽ ان جو فائدو معاشري کي حاصل ٿئي جيئن يتيم ۽ بي گهر ماڻهن جي ڪفالت ڪرڻ، الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَلَا تَقْرَبُوا مَالَ الْيَتِيمِ إِلَّا بِالَّتِي هِيَ أَحْسَنُ[77]

ترجمو: ۽ يتيم جي مال جي ويجهو نه وڃو مگر عمده ۽ احسان طريقي سان رسول اللهﷺ جو فرمان آهي ته آئون ۽ يتيم جي ڪفالت ڪرڻ وارو جنت ۾ ائين هونداسين پوءِ پنهنجي شهادت واري آڱر ۽ درمياني آڱر ملائي ٻنهين ۾ ڪشادگي پيدا ڪئي.

11: اسلام دعوت ڏني آهي ته بک ۽ هيڻائي جي خلاف سڀني ميسر وسائلن جي ذريعي جنگ ڪئي وڃي الله تعالى جو فرمان؛

فَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ (11) وَمَا أَدْرَاكَ مَا الْعَقَبَةُ (12) فَكُّ رَقَبَةٍ (13) أَوْ إِطْعَامٌ فِي يَوْمٍ ذِي مَسْغَبَةٍ[78]

ترجمو: پرهن اوکي لڪ مان لنگهڻ جي همت نه ٻڌي توکي ڪهڙي خبر ته اوکو لڪ ڇا آهي (اوکي لڪ اها آهي ته) ڪنهن (ٻانهي) جو ڪنڌ آزاد ڪرائجي يا ڪنهن ڦاڪي واري ڏينهن کاڌو کارائجي (يعني ڏڪر ۽ ڪهت سالي ۾ کاڌو کارائڻ)

12: اسلام اها رغبت ڏياري ٿو ته غلامن کي آزاد ڪرايو وڃي.

رسول اللهﷺ جو فرمان آهي جنهن ڪنهن مومن غلام کي آزاد ڪرايو الله ان غلام جي هر عضوي جي بدلي انجو عضوو (جهنم جي باهه کان آزاد ڪندو) ايسيتائين جو شرمگاهه جي بدلي شرمگاهه (آزاد ڪندو)[79]

اسلامي اخلاقيات امن ۽ سلامتي جي دعوت ڏي ٿي

اسلامي اخلاق انهن تمام ڪمن جو حڪم ڏي ٿو جن جي ذريعي هڪ مسلمان سعادتمند معاشري واري زندگي بسر ڪري سگهي ٿو ۽ انهن تمام ڪمن کي حرام قرار ڏي ٿو. جيڪي معاشري ۾ دشمني، نفرت ۽ بغض جي باهه ڀڙڪائين ٿا هي اسلامي اخلاق اهڙي شيءِ آهي اگر ان عمل ڪيو وڃي ته هن معاشري ۾ امن ۽ مان سلامتي ۽ اطمينان  جي فضا قائم ٿي وڃي ٿي اسلامي اخلاق گهڻو وسيع آهي ان جو ضابطو ۽ قائدو اهو آهي ته هر اهو قول يا فعل جيڪو ماڻهن لاءِ تڪليف جو باعث بنجي. اهو بداخلاق ۽ حرام آهي ۽ الله تعالى کي ناپسند آهي ۽ جيڪو اهڙن ڪمن سان مليل هوندو اهو دنيا ۾ ماڻهن جي نفرت ۽ آخرت ۾ الله تعالى جي عذاب نشانو بڻبو ان جو خلاصو اهو آهي ڪنهن ٻئي انسان تي قول يا فعل ذريعي زيادتي ڪرڻ ۽ ان جا حق ادا نه ڪرڻ الله جو فرمان آهي؛

قُلْ إِنَّمَا حَرَّمَ رَبِّيَ الْفَوَاحِشَ مَا ظَهَرَ مِنْهَا وَمَا بَطَنَ وَالْإِثْمَ وَالْبَغْيَ بِغَيْرِ الْحَقِّ[80]

ترجمو: چؤ ته منهنجي رب (ته) صرف بي حيائي جي ڳالهين کي حرام ڪيو آهي جيڪي ان ۾ ظاهر هجن يا پوشيده (لڪيل هجن) ۽ گناهه کي ۽ ناحق زيادتي کي الله تعالى حديث قدسي ۾ فرمائي ٿو اي منهنجا ٻانهؤ بيشڪ مون پاڻ تي ظلم حرام ڪيو ۽ ان کي توهان جي وچ ۾ به حرام ڪيو آهي بس توهان هڪ ٻئي تي ظلم نه ڪريو اسلام ظالم ۽ مظلوم جي برابر مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي[81]رسول اللهﷺ جن جو فرمان آهي پنهنجي ڀاء جي مدد ڪريو چاهي اهو ظالم هجي يا مظلوم هڪ ماڻهو چوڻ لڳو اي الله جا رسولﷺ اگر هو مظلوم آهي ته آئون ان جي مدد ڪريان ليڪن مونکي اهو ٻڌايو ته جڏهن ظالم هجي ته آئون ان جي مدد ڪيئن ڪريان پاڻﷺ فرمايائون ته ان کي ظلم کان روڪڻ ڇو ته اها به ان جي مدد آهي[82]

اهڙي طرح اسلام پاڻ سان ۽ ٻين سان مطلق انصاف جو حڪم ڏنو آهي الله تعالى جو فرمان آهي؛

إِنَّ اللَّهَ يَأْمُرُ بِالْعَدْلِ وَالْإِحْسَانِ وَإِيتَاءِ ذِي الْقُرْبَى وَيَنْهَى عَنِ الْفَحْشَاءِ وَالْمُنْكَرِ وَالْبَغْيِ يَعِظُكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ[83]

ترجمو: بيشڪ الله هر هڪ سان عدل ۽ احسان ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿو ۽ مٽن مائٽن کي ڏيڻ (يعني مٽن مائٽن سان همدردي ڪرڻ ۽ انهن جا حق ادا ڪرڻ) جو حڪم ڏي ٿو ۽ بي حيائي ۽ بڇڙائي جي ڪمن ۽ سرڪشي ۽ نافرماني کان منع ڪري ٿو اهو توهان کي نصيحت ڪري ٿو ته من اوهان سبق پرايو چنانچه هر مسلم غير مسلم سان خوشي ۽ ناراضگي جي حالت ۾ عدل مطلوب آهي الله تعالى جو فرمان آهي؛

وَلَا يَجْرِمَنَّكُمْ شَنَآنُ قَوْمٍ عَلَى أَلَّا تَعْدِلُوا اعْدِلُوا هُوَ أَقْرَبُ لِلتَّقْوَى[84]

ترجمو: ۽ ڪنهن قوم جي سخت دشمني به اوهان کي ان ڳالهه تي نه اڀاري جو توهان (انهن سان) انصاف نه ڪريو انصاف ڪندا ڪريو (ان لاءِ جو) اهو پرهيزگاري جي ويجهو آهي.

بلڪه ان وڌيڪ اسلام برائي جو بدلو نيڪي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي تاڪه دلين ۾ محبت ۽ الفت پيدا ٿئي ۽ نفرت ۽ بغض کي ختم ڪريو وڃي الله تعالى جو فرمان آهي؛

ادْفَعْ بِالَّتِي هِيَ أَحْسَنُ فَإِذَا الَّذِي بَيْنَكَ وَبَيْنَهُ عَدَاوَةٌ كَأَنَّهُ وَلِيٌّ حَمِيمٌ[85]

ترجمو: هر بڇڙائي کي بهتر (طريقي) سان پري ڪندا ڪريو جو نتيجًا اهو ماڻهو توهان جي ۽ جنهن درميان دشمني هئي وڏي محبت وارو بنجي ويندو.

خاتمو

هي ننڊڙو ڪتاب جنهن ۾ وڏي اختصار سان اسلام جو دهشتگردي جي متعلق موقف بيان ڪيو ويو آهي منهنجو اهو اعتراف آهي ته هن موضوع جي انتهائي حساس هجڻ جي ڪري آئون ان جا حق ادا نه ڪري سگهيس ليڪن ڪجهه اشاره ذڪر ڪري ڇڏيا آهن ته اسلام جو سندن مخالفن جي باري ۾ ڇا موقف آهي.

 ۽ اهو تعلق جيڪو اسلام کي مخالفن سان ۽ مخالفن کي اسلام سان جوڙي ٿو ۽ عام مصلحتن جي حدن ۾ سڀني لاءِ ڀلائي کي پسند ڪرڻ تي مبني هوندو آهي ان لاءِ جو اسلام جي سڀ کان مضبوط ڪڙي اها آهي ته الله تعالى لاءِ محبت ڪئيص وڃي ۽ الله تعالى بغض رکيو وڃي پنهنجي مصلحت ۽ خواهشات لاءِ نه جڏهن توهان ڪنهن سان بغض رکو ته ان جي ذات لاءِ نه بلڪه ان حوالي سان لا پرواهي ۽ ان جي حرام ڪمن جي مرتڪب هجڻ جي ڪري الله جو فرمان آهي؛

خُذِ الْعَفْوَ وَأْمُرْ بِالْعُرْفِ وَأَعْرِضْ عَنِ الْجَاهِلِينَ[86]

ترجمو: (اي حبيب مڪرم) توهان درگذري اختيار ڪريو۽ ڀلائي جو حڪم ڏيندا رهو ۽ جاهلن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪريو اسلام ڪيترو ته خوبصورت دين آهي جو پنهنجي آسماني رباني تعليمات جي ذريعي ماڻهن کي ماڻهن جي عبادت مان ڪڍي ڪري ماڻهن جيص رب جيص عبادت ڏانهن وٺي وڃي ٿو ۽ انهن کي ڪفر ۽ شرڪ جي انڌيرن مان ڪڍي ڪري اسلام جي روشني ڏانهن وٺي وڃي ٿو الله تعالى جو فرمان آهي؛

اللَّهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخْرِجُهُمْ مِنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ وَالَّذِينَ كَفَرُوا أَوْلِيَاؤُهُمُ الطَّاغُوتُ يُخْرِجُونَهُمْ مِنَ النُّورِ إِلَى الظُّلُمَاتِ أُولَئِكَ أَصْحَابُ النَّارِ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ[87]

ترجمو: الله ايمان وارن جو مدد گار آهي اهو انهن کي انڌيرن مان ڪڍي ڪري روشنين ڏانهن وٺي وڃي ٿو ۽ جيڪي ڪافر آهن انهن جو (ولي ) همايتي شيطان آهي جيڪو انهن کي (حق جي) روشني مان ڪڍي ڪري (باطل جي) انڌيرن ڏانهن وٺي وڃي ٿو اهي ئي ماڻهون جهنمي آهن اهي ان ۾ هميشه رهندا.

اسلام پنهنجي پيروڪارن کي تمام مسلمانن سان احسان ڪرڻ جي تربيت ڏي ٿو تانجو معاشري ۾ اجتمائي عدل قائم ٿئي ۽ ڀلائي سان محبت جي تربيت ڏي ٿو تانجو عزتون ۽ حق محفوظ رهن ۽ عفو ۽ درگذري جي تربيت ڏي ٿو تانجو انهن ۾ محبت ۽ الفت ۽ خير خواهي جا جزبات پيدا ٿين ۽ الله تعالى جي محرمات جي تعظيم ڪرڻ جي تربيت ڏي ٿو تانجو معاشري ۾ امن قائم ٿئي ۽ هر شخص جي جان ۽ ان جي عزت ۽ مال محفوظ رهي ۽ انهن کي تربيت ڏي ٿو ته انا جي محبت کان بالاتر ٿي ڪري ٻين سان محبت ڪري تانجو معاشري جي ماڻهن ۾ برابري قائم ٿئي ۽ وڏو ننڊي تي نرمي ۽ شفقت ڪري ۽ ننڊو وڏي جي توقير ۽ احترام ڪري ۽ مال، محتاج ، مسڪين ۽ فقير جو مددگار بنجي تاڪه اهو تعلق قائم ٿئي جنهن جي باري ۾ رسول اللهﷺ خبر ڏني آهي ته مومن جي مثال هڪٻئي سان محبت ۽ رحمت ۽ نرمي ڪرڻ ۾ هڪ جسم وانگر آهي جڏهن جسم جو ڪو عضوو بيمار ٿي ٿو ته بخار ۾ بيخوابي ۾ سڄو جسم ان ۾ شريڪ ٿو ويندو آهي.

شايد هي ننڊڙو ڪتاب حق جي تلاش ڪرڻ وارن لاءِ رهنمائي ثابت ٿئي جيڪي جنت جي ڪاميابي ۽ هميشه وارين نعمتن جا متلاشي آهن ۽ جهنم جي هميشه واري عذاب کي پاڻ کان بچائڻ جا حريص آهن.

معاملو ان لاءِ به خطرناڪ آهي جو هن دنيا ۾ انجام بل آخر موت آهي اگر معاملو صرف ايسيتائين محدود هجي ها ته مصيبت گهٽ هئي ليڪن هن کانپوءِ وارو معاملو گهڻو ئي خطرناڪ (هولناڪ) آهي اسان بيحيثيت مسلمان موت کانپوءِ اٿڻ جزا ۽ سزا ۽ جنت ۽ جهنم جي هميشه واري زندگي تي ايمان رکون ٿا.

جنهن ماڻهون اسلام آندو نيڪي ڪئي ته الله جي رحمت کانپوءِ جنت جي زيعي ان جي نيڪين جو بدلو ان کي ڏنو ويندو ۽ جنهن بڇڙائي ڪئي اگر اهي انسان جا حق هئا ته اهي ان کان وصول ڪيا ويندا اگر اهي الله تعالى جو حق هئا ته اهي ان جي مشيعت جي تحت هوندا اگر چاهيندو ته سزا ڏيندو اگر چاهيندو ته ان تي رحم ڪندو ۽ جنهن اسلام کان اعراض ڪيو ۽ ڪفر ۽ شرڪ جي حالت ۾ مري ويو ته اسان جو عقيدو آهي ته اهو هميشه هميشه لاءِ جهنم ۾ ويندو.

ان لاءِ هر عقلمند کي کپي ته هو سهي رستو اختيار ڪري دين حق کي تلاش ڪري جنهن جي پيروي ڪري هو نجات جنت جي ڪاميابي ۽ هميشه لاءِ خوشي واري زندگي حاصل ڪري سگهي ان لاءِ اهي ئي ٻه رستا آهن ٽيو ڪو به رستو ناهي.

صلى الله وسلم على المبعوث رحمة اللعالمين ورسولنا و نبينا محمد و على آلہ وسلم ومن اتبع هداہ و سار على نهجہ الى يوم الدين.

 

 

 

 

[1]البقره آية: 131

[2]الانعام آية :162

[3]الحشر آية :23

[4]الانعام آية: 127

[5]الاحزاب آية: 44

[6]مسلم:54

[7]متفق عليه

[8]المائدة:15-16

[9]متفق عليه

[10]البقره آية:256

[11]يونس آية:99

[12]الڪهف آية: 29

[13]النحل آية: 82

[14]الغاشية آية: 21،22

[15]النحل آية:106

[16]الاحقاف آية:35

[17]الحج آية: 39،40

[18]آل عمران آية: 64

[19]آل عمران:159

[20]رواه الترمذي

[21]متفق عليه

[22]البقره:190

[23]النساء:75

[24]التوبة: 12-13

[25]الحجرات: 9

[26]انفال :47

[27]الانسان :8-9

[28]معجم الصغير:409

[29]صحيح بخاري:2881

[30]الحج:41

[31]الممتحنة:8

[32]انوداؤد:445

[33]صحيح ابن حبان:2960

[34]ترمذي:1943

[35]البقره:179

[36]النساء:93

[37]النساء :1

[38]رواه احمد

[39]الشورى:13

[40]النساء:163،164،165

[41]البقره:136

[42]الاحزاب:69

[43]المائده:44

[44]البقره:122

[45]آل عمران:45،46

[46]المائده:75

[47]المائده:46

[48]الحديد:27

[49]النساء:150،151

[50]الاحزاب:40

[51]البقره:137

[52]الانعام:159،161

[53]آل عمران:64

[54]الانعام:108

[55]العنکبوت:46

[56]البقره:256

[57]الکهف:29

[58]الشورى:15

[59]المائده:2

[60]الحجرات:13

[61]رواه الترمذي

[62]رواه المسلم

[63]آل عمران:104

[64]رواه مسلم

[65]الزمر:9

[66]صحيح الجامع:3913،صحيح الترغيب والترهيب:72

[67]الاعراف:56

[68]البقره:205،206

[69]الملک:15

[70]المائده:90

[71]الاسراء:32

[72]النور:4

[73]النور:19

[74]البقره:188

[75]الاسراء:35

[76]البقره:278،279

[77]الاسراء:34

[78]البلد:11،12،13،14

[79]صحيح مسلم:1509

[80]الاعراف:33

[81]مسلم:2577

[82]البخاري

[83]النحل:90

[84]المائده:8

[85]فصلت:34

[86]الاعراف:199

[87]البقره:257